ڪراچي (رپورٽ محمد علي نقرچ ) سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن پاران پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر اعجاز سواتي جي تقرير ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش، ايوان ۾ گوڙ، بجيٽ بحث دوران ڪراچي مان آزاد حيثت سان ڪاميابي بعد پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ ايم پي اي اعجاز سواتي جيئن ئي تقرير شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل جي شبير علي ۽ اويس خان سميت ٻين ميمبرن سندس تقرير ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوششش ڪئي، ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرن پاران گوڙ ڪندي لوٽا لوٽا جا نعرا هنيا ويا، جنهن دوران اعجاز سواتي چيو ته مونکي صرف 3 منٽ ڏنا وڃن، هنن هي اصليت ٻڌائي ڇڏيندس، پر سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر گوڙ ڪندا رهيا ۽ اسپيڪر کين لاڳيتو خاموشي سان تقرير ٻڌڻ ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ جو چوندو رهيو پر سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن هڪ نه ٻڌي، جنهن تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پڻ ڳالهايو ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کي تحمل سان تقرير ٻڌڻ جي تجويز ڏني، شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سموري پي ٽي آءِ لوٽن سان ڀريل آهي هي وري ٻين کي لوٽو لوٽو ڪيئن ٿا ڪوٺين، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي به گوڙ واري ماحول کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو اعجاز خان سواتي پي ٽي آءِ ميمبرن کي چيلنج ڏيندي چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ بعد پيپلز پارٽي جي جيالي جي حيثيت ۾ مقابلي لاءِ تيار آهيان جنهن کي به مقابلو ڪرڻو آ اهو ميدان تي لهي اچي، هن چيو ته مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ناهيان وڙهيو، پر آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهيو آهيان، هنن کي اها به خبر ناهي ته سندن ليڊر ڪير آهي، هي ته ٽڪ ٽاڪر آهن، ان کان اڳ پ پ ايم پي اي سعديا جاويد متحده تي تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيوايم وارا هر حڪومت جو حصو رهيا آهن پر رڳو پنهنجو ڏنل هڪڙو اهڙو منصوبو ٻڌائن جيڪو ڳڻائڻ جهڙو هجي. پ پ ميمبر حنا دستگير چيو ته اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ هاڻي نوڪرين کان وڌيڪ زراعت کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون، 50 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا، 80 هزار ايڪڙ زمين پوکي وئي، زراعت مان 3 کان 4 ارب رپيا ڪمايا ويا. پ پ جي محمود عالم ڄاموٽ بجيٽ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ سٺا قدم کنيا آهن، پ پ جي پير مجيب الحق چيو ته پراڻن منصوبن کي جاري رکڻ جو فيصلو خوش آئند آهي، منهنجي حلقي دادو ۾ چيسٽ يونٽ جي سخت ضرورت آهي، ان تي سنڌ حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي سراج قاسم سومرو چيو ته ننگر پارڪر مان 80 سيڪڙو ماڻهو لڏپلاڻ ڪن ٿا، محترمه ۽ چيئرمين جو نعرو هو ته ٿر بدلائيندو پاڪستان. ننگرپارڪر جي عوام لاءِ ننڍا ڊيم تعيمر ڪيا ويا آهن. پ پ جي سليم بلوچ چيو ته سنڌ جي عوام جو پيپلز پارٽي تي اعتماد آهي ايم ڪيو ايم جي نصير خان حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ تي مايوسي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ڪراچي ايم ڪيو ايم پاڪستان آهي جنهن جا 37 ايم پي ايز آهن، هن چيو ته ڪراچي جي نالي تي ورلڊ بينڪ کان وڏا قرض ورتا ويا، ٻڌايو وڃي اهي پئسا ڪراچي تي خرچ ٿيا يا نه؟، پيپلز پارٽي جي سرفراز شاهه چيو ته اسان جو ضلعو تمام پراڻو آهي، ان ۾ ڪا به يونيورسٽي ناهي، ڪنڊيارو تعلقي جي اسپتال ۾ سينيئر پروفيسر مقرر ڪيو وڃي، ضلعي اسپتال ۾ ڪو به عملي ڪم نه ٿي رهيو آهي. پيپلزپارٽي جي راجا رزاق چيو ته عوام پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن آهي، ارباب لطف الله چيو ته اسان تاريخي ادارا ٺاهيا آهن، اسان ڪم ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جي شيخ عبدالله چيو ته بجيٽ ۾ راندين کي اهميت نه ڏني وئي، ايم ڪيو ايم جي سڪندر خاتون شڪايت ڪندي چيو ته هن بجيٽ ۾ صوبي لاءِ ڪا به ترقياتي اسڪيم نه رکي وئي آهي، جڏهن ته گذريل ٻن دورن ۾ ڪا به ترقياتي رٿا مڪمل نه ڪئي وئي آهي، ساجد جوکيو جي تقرير تي ايم ڪيو ايم ميمبرن شور مچايو، جنهن تي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ساجد جوکيو ڪنهن جو نالو ناهي ورتو. ساجد جوکيو چيو ته مون مشرف دور جي ڳالهه ڪئي آهي. هنن کي تڪليف ڇو ٿي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي ريحان اڪرم چيو ته هي بجيٽ سنڌ جي شهري علائقن ۾ احساس محرومي پيدا ڪندي.