ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني اختيارين هڪ فتويٰ کانپوءِ ملڪ جي پهرين ’هيومن ملڪ بئنڪ‘ جو آپريشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي مذهبي جماعت ”هيومن ملڪ بئنڪ“ کي شرعي اصولن جي خلاف قرار ڏئي رهي آهي، هن مهيني جي شروعات ۾ سنڌ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونٽالوجي (SICHN) ۾ پاڪستان جو پهريون هيومن ملڪ بئنڪ قائم ڪيو ويوهو. جڏهن ته، پاڪستاني اختيارين هڪ فتوي جي پٺيان ان کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ معاملي کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن وڌيڪ هدايت لاءِ حوالي ڪيو ويو آهي.