اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ تي ثناءُ مستي خيل جي رڪنيت معطل

اسلام آباد (بيورو)قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي ثناءُ الله مستي خيل جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل بجيٽ تي تقرير دوران نامناسب لفظ استعمال ڪيا. جنهن تي (ن) ليگ ۽  سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ۾ جهيڙو ٿي ويو، جنهن دوران ڊپٽي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته عورت ميمبرن حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو. هنن ثناءُ الله مستي خيل جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي احتجاج ڪندڙ عورتن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته  ميمبر عورتن ثناءُ الله مستي خيل کي معاف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن بعد اسپيڪر اياز صادق ثناءُ الله مستي خيل جي اجلاس لاءِ ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته مون وٽ لفظ ناهن ته ثناءُ الله مستي خيل جي بيان جي مذمت ڪريان، ثناءُ الله مستي خيل موجوده اجلاس ۾ ايوان جي ڪارروائي جو حصو نه هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.