اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب آرمي چيف جنرل عاصم منير کان مطالبو ڪيو آهي ته سي پيڪ بابت انٽيليجنس ناڪامي تي فوري طور تي فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس سڏائي وڃي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ منصوبو پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي، هن چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل چيني اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي اقتصادي ترقي ۽ سي پيڪ لاءِ سڪيورٽي ۽ استحڪام ضروري آهي، چيني اڳواڻ اهو پيغام ڏيڻ لاءِ پاڪستان آيو ته هي سڀ کان اهم ڪم آهي، سي پيڪ جيڪو ملڪ لاءِ تمام ضروري آهي، ان لاءِ چيو پيو وڃي ته پنهنجو گهر ٺهرايو، ٻي صورت ۾ سي پيڪ ۽ مستقبل جي سيڙپڪاري خطري ۾ آهي. هن چيو ته مان هتي آرمي ڪمانڊر عاصم منير ۽ فارميشن ڪمانڊرز کان مطالبو ڪندس ته فوري طور تي ڪور ڪمانڊرز ۽ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس سڏائي انٽيليجنس ناڪامي جا سبب معلوم ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان جي علائقائي خودمختياري لاءِ ٽي شيون ضروري آهن، قومي اتحاد هن وقت ورهايل آهي، اعتماد جوڳو دفاع مضبوط معيشت تي دارومدار رکي ٿو، جيڪو هن وقت به وکريل آهي، اسان خطرن جي لپيٽ ۾ آهيون. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انٽيليجنس ايجنسين خاص ڪري آءِ ايس آءِ جي بجيٽ بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي. عمر ايوب چيو ته ٻڌايو وڃي ته انٽيليجنس ڇو ناڪام ٿي رهي آهي؟ جيل ۾ عمران خان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ ۽ ڪيمرا لڳائڻ بدران ملڪي استحڪام تي ڪم ڪيو وڃي. ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. عمر ايوب چيو ته انٽيليجنس ايجنسين جي بجيٽ بابت ٻڌايو وڃي ته ڇا انهن جي بجيٽ ويگو ڊالن تي خرچ ٿي رهي آهي؟ انهن کي تحريڪ انصاف جي ساٿين ۽ صحافين جي پويان لڳايو پيو وڃي يا انهن کي دهشتگردن جي پويان لڳايو پيو وڃي. هن تنقيد ڪندي چيو ته انهن کي دهشتگردن جي پٺيان لڳائڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي پٺيان نه لڳايو وڃي. هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي پرامن احتجاج دوران گرفتار ڪيو ويو. پارليامينٽ ميمبرن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن جي مذمت ڪريان ٿو.