مصطفيٰ ڪمال پاران ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ملڪ جي بگڙيل معاشي حالتن کي بيان ڪندي اقتصادي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان جي شروعات هن ايوان کان ٿيڻ گهرجي.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ناڻي واري وزير ۽ اپوزيشن ليڊر جي تقرير ٻڌي، بجيٽ پيش ڪرڻ وارا هميشه ساراهه ڪندا آهن، اپوزيشن ۾ رهندڙ هميشه بجيٽ جي مخالفت ڪندا آهن. هن چيو ته ايوان ۾ موجود ماڻهو بار بار هيڏانهن هوڏانهن بيٺا آهن، اسان جي اهڙي روش سان ملڪ کي ڪو به فائدو نه ٿيو آهي، پاڪستان تي 78 هزار 942 ارب جو قرض آهي.مصطفيٰ ڪمال ملڪ جي خراب معاشي حالتن کي بيان ڪندي اقتصادي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان جي شروعات هن ايوان کان ٿيڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ اسان 78 هزار ارب عوام کان اهو گهرڻ وڃي رهيا آهيون، ان کان اڳ نواز شريف، عمران خان، آصف زراري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀ پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف وٽ رائيونڊ محل آهي، عمران خان وٽ بني گالا آهي، زرداري جا سمورن شهرن ۾ بلاول هائوس آهن، تنهن ڪري سمورا هڪ هڪ گهر پاڪستان کي عطيو ڪرڻ گهرجن، نواز شريف رائيونڊ وارو گهر ڏين ، عمران خان بني گالا ، آصف زرداري بلاول هائوس ڏي ۽ اسان ٻيا ايم پي ايز پنهنجي ملڪيتن جو 25 سيڪڙو پاڪستان کي عطيو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، مصطفيٰ ڪمال چيو ته سمورا رٽائرڊ فوجي آفيسر، سمورا حاضر سروس جنرل جن وٽ 150 ارب رپين جون ملڪيتون آهن اهي جڏهن رٽائر ٿين ٿا ته 50، 50 ڪروڙ رپيا پاڪستان کي عطيو ڪن ، اهي سڀ جنرل، سياستدان ۽ پارليامينٽ جا ميمبر 1000 ارب رپيا قرض واپس ڪرڻ لاءِ گڏ ڪري ڏيکاريندين،  هن چيو ته جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته پاڪستان جا غيرتمند ماڻهو پنهنجا ڪپڙا وڪڻي ملڪ جو قرض ادا ڪندا، اهي سمجهندا ته جيڪي اسان کان ٽيڪس گهري رهيا آهن اهي به ڪجهه قربان ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.