اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبر عبدالقادر پٽيل پي ٽي آءِ سان جٺ ڪري ڇڏي،تقرير ڪندي هن چيو ته آرمي چيف کي پيءُ بڻايو آهي ته برداشت به ڪريو، پيءُ ته سزا به ڏيندو آهي، ڪڏهن گهران ڪڍي ڇڏيندو آهي، ڪڏهن چماٽ به هڻي ڇڏيندو آهي،هن چيو ته ملڪ جو سربراهه ڀينرن،ڌيئرن تي خراب نظرون رکندو هو،هي مهذب معاشرو آهي،ن ليگ جي حنيف عباسي چيو ته عمرايوب اسان کي جمهوريت جو درس ڏئي ٿو، هن جي ڏاڏي جنرل ايوب هن ملڪ جي تباهي جو بنياد رکيو، فاطمه جناح تي تهمتون لڳايون ويون، 2018ع ۾ هن جو هڪ بابو هو، پنهنجي پيءُ کي ڪير به گاريون ناهي ڏيندو،