”عزم استحڪام“ آپريشن جي منظوري، هر معاملو فوج تي ڇڏڻ وڏي غلطي هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان بابت مرڪزي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ”عزم استحڪام“جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، وفاقي ڪابينا جي اهم وزيرن، سمورن صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اندروني سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، نيشنل ايڪشن پلان جي گهڻ طرفي اصولن تي اڳڀرائي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ خامين جي نشاندهي تي زور ڏنو ويوجاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو اڻٽر آهي، هن چيو ته سفارتي ڪوششن ذريعي دهشتگرد تنظيمن جو خاتمو آندو ويندو ۽ ڪنهن کي به رياست جي رٽ چيلنج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.اجلاس ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ لاڳاپيل کاتن کي نوان ايس او پيز جاري ڪيا ويا.

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيڪيورٽي جي ذميواري فوج تي وجهڻ سان صوبائي حڪومتن کي بري نٿو ڪري سگهجي، رياست کي رڳو هڪ اداري تي ڇڏڻ وڏي غلطي هوندي، اسان سڀني کي ذميواري کڻڻي پوندي،اسان هر معاملو فوج تي ڇڏي ڏنو آهي، اها خطرناڪ روش آهي،نيشنل ايڪشن پلان ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو مسئلو پيچيده آهي، ملڪ جي پائيدار ترقي لاءِ استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني ضروري آهي، قانون جي حڪمراني تي عمل ڪرائڻ منهنجي ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي. دهشتگردي خلاف جنگ جي ذميواري رياست جي سمورن ادارن جو اولين فرض آهي هن چيو ته هڪ مڪمل نظام کانسواءِ پائيدار ترقي جو تصور نٿو ڪري سگهجي، اميد آهي ته صوبا گڏجي دهشتگرديءَ جي لعنت جو خاتمو آڻيندا،هن چيو ته نرم رياست سيڙپڪارن جو اعتماد حاصل نٿي ڪري سگهي، اسان کي طاقت جي سمورن عنصرن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم کي شامل ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن چيو ته اسان کي علائقائي ملڪن سان فعال سفارتڪاري جي ضرورت آهي، اسان کي قانون سازي ذريعي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط بڻائڻو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ گهرجن.چين جي دوري بابت ناڪاري مهم تي شهباز شريف چيو ته قومي بيانيي کي داغدار ڪرڻ واري مهم کي ناڪام بڻائڻو پوندو.هن چيو ته پاڪستان جي دشمنن سوشل اسپيس کي زهر بڻائي ڇڏيو آهي، اسان کي اهڙا قانون ٺاهڻا پوندا جن سان نفرت جي زبان ختم ٿي سگهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته غلط معلومات ۽ ڪوڙ سچ کي لڪائي نه سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.