اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي بيان تي تحريڪ انصاف ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن چيو ته محمد زبير جي اعترافي بيان تي ڪميشن جوڙڻ گهرجي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي واري ٺهراءُ کان ٻه مهينا اڳ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا نواز شريف سان ڳالهائڻ شروع ڪيو هو،جنهن بعد خبر پئي هئي ته لنڊن ۾ جنرل باجوا جي نواز شريف سان هڪ ٻه ملاقاتون به ٿيون هيون،
-
نواز شريف سان باجوا جي ڪا به ملاقات ناهي ٿي
اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته محمد زبير ڪڏهن به نواز شريف جي ويجهو ناهي رهيو، محمد زبير جون ڳالهيون رڳو اندازن تي ٻڌل آهن، نواز شريف ڪڏهن به جنرل باجوه کي ملازمت ۾ واڌ جي آڇ ناهي ڪئي.پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته گهرو وزارت ڪافي چيلنجنگ آهي، جنهن سبب وقت ڏيڻو پوندو آهي،مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي جا مسئلا ختم ٿي ويا آهن، هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته پنهنجي تڪ لاءِ وڌيڪ فنڊ حاصل ڪيا وڃن، پيپلز پارٽي جا مطالبا جائز هئا.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته اسان جا ميمبر به حلقي لاءِ فنڊن جو مطالبو ڪندا آهن ۽ هو ناراض به ٿي ويندا آهن، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو به چوڻ آهي ته نواز شريف سان جنرل (ر) باجوه جي ڪا به ملاقات ناهي ٿي، محمد زبير جي بيان جي ترديد ڪئي وئي آهي.