حيدرآباد سلينڊر ڌماڪو: 27 انساني جانين جي زيان تي انتظامي بي حسي،داد نه فرياد

ڪراچي ( رپورٽر )  پريٽ آباد سانحي سنڌ حڪومت جي صحت جي شعبي ۾ دعوائن جو پول کولي ڇڏيو آهي، پريٽ آباد سانحي سنڌ حڪومت جي صحت جي شعبي  ۾ دعوائن جو پول کولي ڇڏيو، حيدرآباد ۾ اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ خرچ سان ٺهيل برنز وارڊ گئس سلينڊر ڌماڪي جي زخمين جي زخمن تي مرهم نه رکي سگهيو. سنڌ جي ٻئين وڏي سرڪاري اسپتال حيدرآباد جي لياقت يونيورسٽي اسپتال جي برنس وارڊ جي ٽن ماڙ عمارت لاءِ 82.937 ملين رپيا ۽ مشينري ۽ ٻئي سامان جي مد ۾ 67. 941 ملين رپيا فراهم ڪيا ويا هئا، 23 بسترن تي مشتمل نامڪمل برنس وارڊ جو افتتاح اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ اڪائونٽس آفيسر ستار جتوئي ڪيو هو،  پر شايد صوبائي صحت واري وزير کي اها خبر ناهي ته برنس وارڊ ۾ آءِ سي يو، وينٽيليٽر ۽ ٻيون سهولتون موجود نه آهن. جڏهن ته پريٽ آباد گيس ڌماڪو ٿيو ته برنس وارڊ جا سمورا پول پڌرا ٿي ويا، سڙي ويل 63 مان 32 زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي 19 ٻارڙن سميت 27 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا . گذريل 15 سالن ۾ صحت جي شعبي ۾ اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود لياقت يونيورسٽي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسپتالن ۾ برنز وارڊ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي هڪ سواليه نشان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.