اليڪشن ٽربيونل لاھور پاران حمزا شھباز سميت فارم 47 تحت ڪامياب اميدوار طلب

اسلام آباد( اسد طور) 8- فيبروريءَ جي چونڊن ۾ چونڊ ڌانڌلين، نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزامن ۽ مجموعي طور تي چونڊن ۾ ھارايل اميد  وارن جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ نئين قائم ڪيل اليڪشن ٽربيونل لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس انوار حسين جي سربراھيءَ ۾ ڪم شروع ڪري ڏنو آھي، جنھن پنھنجي پھرين ڏينھن جي ڪارروائيءَ ۾ ئي فارم 47 تحت ڪيترن ئي ڪامياب اميدوارن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪري چيف اليڪشن ڪميشن آفيس کان شڪايت گذار اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪامياب اميدوارن جا فارم 45- ۽ پنھنجي طرفان حلفي بيان سميت  گھربل فارم 45بابت معلومات طلب ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن آفيس کي چتاءَ ڏيندي چيو ويوآھي تھ جيڪڏھن بيان حلفيءَ ڪوڙو ثابت ٿيو تھ عدالت قانون موجب ڪارروائي ڪندي. الڪيشن ٽربيونل پھرين ڏينھن جي ڪارروائيءَ دوران پي ٽي آءِ جي  آزاد اميدوار عاليھ  حمزا جيڪا ڪافي عرصي کان قيد ۾ آھي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنھن جي درخواست آھي تھ کيس حمزا شھبار ڌانڌلي ڪري ھارايو آھي، جسٽس انوار حسين حمزا  شھباز کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڪيو آھي تھ ھو عدالت ۾ فارم 45- سميت سموري معلومات سان پيش ٿئي جڏھن تھ ھڪ ٻئي ڪامياب اميدوار عون چوڌريءَ کي بھ فارم 45- سميت اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو آھي، جنھن جي سامھون پي ٽي آءِ جو اميدوار سليمان اڪرم راجا فارم 45- تحت کٽي رھيو ھو. اليڪشن ٽربيونل لاھور جي ڪجھھ صوبائي ۽ قومي حلقن پ پ  159، پ پ165، پ پ 147 ۽ اين اي 126. اين اي 117 ۽ اين 128 جي حلقن تي فارم 47 تحت ڪامياب اميدوارن کي فارم 45- سميت اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو آھي. لاھور اليڪشن ٽربيونل جي اھڙي ڪارروائي۽ انھن جي نتيجي ۾ فيصلن جي ڪري امڪان اھو ئي آھي تھ حڪومت ۽ ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ ڪافي تبديليون اينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.