سکر(رپورٽ:آزاد مهر) ميرپور ماٿيلو ۾ قتل ڪيل عوامي آواز جو رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جو قتل ڪيس وارثن جي مرضيءَ بناFIR داخل ڪرڻ جو انڪشاف، شهيد صحافي جي امڙ ۽ ڀائرن پوليس جي داخل ڪيل ايف آءِ آر تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته اسان پوليس کي سردارن ۽ ڀوتارن جا نالا ڏنا هئا، پر پوليس اسان جي ڏنل نالن بجاءِ اڻڄاتل سردارن ۽ ڀوتارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءَ محمد يعقوب گڏاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جنهن سردارن/ڀوتار جا نالا ايف آءِ آر ۾ ڏنا ايس ايڇ او پاران اسان کي يقين ڏيارڻ باوجود اهي نالا ايف آءِ آر ۾ داخل نه ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جا ڏنل نالا جنهن جي جڳهه تي ايس ايڇ او نامعلوم وڏيرا ۽ ڀوتار لکيا آهن، شهيد صحافي جي ڀاءُ موجب اهي ڀوتار شهر ۾ غلط ڪم ۽ ڪرپشن ڪندا هئا ۽ جن جا ڪرتوت شهيد نصرالله گڏاڻي پاران ظاهر ڪرڻ سبب ئي هنن اسان جي ڀاءُ کي شهيد ڪرايو ويو، عوامي آواز سان وڌيڪ ڳالهائيندي محمد يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان پ پ قيادت مان اميد ظاهر ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ان موقعي تي شهيد صحافي جي والده چيو ته منهنجي پٽ جي خون سان هن وقت تائين انصاف ناهي ٿي سگهيو، پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي پٽ جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪندي ڏسڻ چاهيان ٿي قانون مان انصاف جي اميد آهي هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته هو انصاف جي حاصلات لاءِ سندس ساٿ ڏين.