”شهيد نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪريو“ صحافين جا مظاهرا

نوابشاهه/خيرپور/ ڪشمور/(نمائندن وٽان) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي قلم ڌڻين پاران احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا آهن، ان  ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافي غلام فريد ڄامڙو، دليپ ڪمار ڪيسواڻي، احمد علي سيال، اصغر علي چانڊيو، محمد شريف ڄامڙو، تاج محمد کوسو، ماجد علي مزاري، محمد زمان سولنگي، روشن علي، نصير آڻي، سماجي اڳواڻن مجاھد حسين لانگاهھ، رفيق احمد چنا، عطاءُ ﷲ ڪنڀر، ھدايت الله جکراڻي، قيصر علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن خيرپور ۾ صحافي خان محمد، خادم جوڻيجو، غلام قادر سومرو، ثناءُ الله ميمڻ، شاهد نواز سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو. نوابشاهه ۾ صحافي اڪرم چانڊيو، اسماعيل ڊومڪي، لالا تاج، رند رضوان ٿيٻو، مزمل چانڊيو، شوڪت شاهه، نظير ڏاھري، آصف البشر، قربان خاصخيلي، وحيد کوسو، دائود شاهھ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته جاگيرداري نظام، وڏيرا شاهي ميڊيا کي آزادي سان ڪم ڪرڻ نٿي ڏيئي جتي صحافي آزاد قلم ذريعي آواز بلند ڪن ٿا اتي ئي انھن کي قتل ڪري آزاد صحافت کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ڪيترا به صحافي قتل ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.