پيرل خان کوسو: سگا جي سونھن

دنيا ۾ بھترين شخصيت جي وصف اھا آھي تـ ان شخصيت ۾ دماغي ذھانت سان گڏ، جذباتي ذھانت ۽ روحاني ذھانت جو توازن موجود ھجي. دماغي، جذباتي ۽ روحاني ذھانت جو توازن ماڻيندڙ شخصيت کي خود شناسي، خود انتظامي،  سماج شناسي ۽ سماج انتظامي جھڙيون خصلتون حاصل ٿين ٿيون ۽ انھن خصلتن جي حاصلات سان ھو پنھجي شخصيت اندر محلڪات يعني اوگڻن کان نجات حاصل ڪري منجيات يعني سٺن ۽ سھڻ اخلاقن جي آبياري ڪري ٿو. اھڙين املهھ شخصيتن ۾ سيتاروڊ واسي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن (سگا) جو رضاڪار ساٿي محترم پيرل خان کوسي جو پڻ شمار ٿئي ٿو.

15 ڊسمبر 1962ع تي سيتاروڊ خيرپور ناٿن شاھ ۾ جنم وٺندڙ محترم پيرل خان کوسي سنڌ يونيورسٽي مان  زولاجي ۽ اڪانامڪس ۾ ڊبل ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي ۾ استاد طور فرض سرانجام ڏيندي 1989ع کان سگا جي سٿ جو ساٿي بڻيو ۽ سندس ڪوشش سان سيتاروڊ ۾ سگا جي شاخ قائم ٿي. محترم پيرل خان کوسو مختلف دورن ۾ سگا جي مرڪزي باڊي ۾ تعليم ۽ صحت جي سيڪريٽري ۽ مرڪزي نائب صدر جي عھدن تي ڪم ڪندي پنھجي بھتر ڪارڪردگي تحت ڪيترائي انعام حاصل ڪري چڪو آھي جن ۾ 2010ع جي مھا ٻوڏ دوران متاثرين جي سھائتا لاءِ  سندس اڻ ٿڪ ڪوششن جي تمام گھڻي واکاڻ ٿي. ان کان علاوھ نيرون ڪوٽ ۽ ٿاڻو بولاخان جي ڏوراھن علائقن ۾ جتي ڪو بـ سرڪاري اسڪول نـ آھي اتي سگا طرفان اسڪول قائم ڪرڻ ۽ انھن اسڪولن کي سٺن استادن سان گڏ جديد سولر سسٽم، انٽرنيٽ ۽ ٻيون سھولتون مھيا ڪري معياري تعليم جو مثال قائم ڪيو آھي. محترم پيرل خان کوسي جي ئي ڪوششن سان سگا لاڙڪاڻو شاخ ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو طرفان نوجوانن لاءِ  سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري لاءِ  مفت ڪوچنگ ڪلاسز شروع ڪيا ويا، جنھن ۾ ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ اي ايس پي سميت يونيورسٽي جي ماھر پروفيسرن نوجوانن جي تربيت ڪندي کين گھر ويٺي تقابلي امتحانن جي تياري لاءِ  رھنمائي ڪئي ۽ اھو سلسلو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ شروع ڪيو پيو وڃي. گڏو گڏ سگا جي ھنن سرگرمين کي انجنيئرنگ شعبي جي عالمي تنظيم يعني انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪ اينڊ اليڪٽريڪل انجنئرنگ (IEEE) جي ھيومنٽيرين ٽيڪنالاجي ( Humanitarian Technology) سان جوڙي سنڌ ۾ پر امن ۽ خوشحال معاشري جي قيام لاءِ  اڳتي وڌي سگھجي ٿو.

محترم پيرل خان کوسي جي زندگي جا 35 سال سگا جي سٿ سان رضاڪار طور جدوجھد ڪندي گذريا آھن ۽ سندس شخصيت اسانجي معاشري لاءِ  ھڪ اتساھ ڏيندڙ مثالي ڪردار جو نمونو آھي. اھي انسان جيڪي رضاڪار طور يعني بنا ڪنهن معاوضي جي ٻين جي ڀلائي لاءِ  پاڻ پتوڙين انھن لاءِ  تمام وڏو اجر آھن ۽ اھي ئي انساني زندگي جو معراج ماڻين ٿا. بنا معاوضي جي رضاڪار طور ٻين جي ڀلائي ڪرڻ احسان جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ جيڪي احسان ڪرڻ واري راھ وٺن ٿا اھي رب جي رضا حاصل ڪن ٿا ۽ اھو ئي سندن اجر ۽ وڏي ڪاميابي آھي جيئن قرآن پاڪ جي سورت توبـه  جي 100 آيت ۾ فرمان آھي تـ:  "۽ اھي جن چڱائيءَ (احسان)  سان سندن تابعداري ڪئي اُنھن کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ  باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي”. رب جي رضا خاطر ٻين سان چڱائي يعني احسان ڪرڻ واري ھن ڪرت کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي سر رامڪلي ۾ ھن طرح ساراھيو آھي تـ:

رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضا،

مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا،

رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،

ڏيئِي ساھَ سَزا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.