پاڪستان اسٽيل مل ختم ڪرڻ جو فيصلو

گھڻي وقت کان بند ڪيل اسٽيل ملز کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏڻ  جو فيصلو ٿي ويو آھي.وفاقي حڪومت خساري ۾ هلندڙ پاڪستان اسٽيل ملز کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ کي ان جي زمين عام صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهبازشريف اهو معاملو اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اٿاريو ۽ خساري ۾ هلندڙ ادارن کي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سامھون آيل ھن وقت جي صورتحال موجب وفاقي حڪومت سنڌحڪومت سان گڏجي اسٽيل ملز جي زمين تي نئين اسٽيل ملز لڳائڻ تي به غور ڪري رهي آهي. انهن فيصلن کي ايس آءِ ايف سي ،جي حمايت بھ حاصل آهي، شهبازشريف حڪومت صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي اسٽيل ملز جي بنياد تي هڪ نئين اسٽيل ملز جي قيام جي تجويز سميت هڪ منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ سرڪار بيمار صنعتي يونٽ جي باقي بچيل 1683 ايڪڙ غير تبديل ٿيل ايراضي جي ميوٽيشن کي يقيني بڻائي سگهي ٿي. حڪومت صنعت ۽ پيداوار وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها سٽيل ملز جي قبضي واري ايراضي جي ڪليئرنس يقيني بڻائي ۽ ان جو قبضو بحال ڪري،معاملي جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو،صنعت ۽ پيداوار وزارت اسٽيل ملز جي پوري زمين تي ايڪسپورٽ پروموشن زون يا خصوصي اقتصادي زون جي قيام لاءِ هڪ جامع منصوبو پيش ڪندي،ايس آءِ ايف سي وزارت کي اها به هدايت ڪئي آهي ته سنڌ سرڪار جي سهڪار سان نئين اسٽيل ملز جي قيام لاءِ زمين مختص ڪري،ٻئي پاسي ذريعن موجب اسٽيل مل کي ڪٻاڙ سمجهي وڪرو ڪيو پيو وڃي،19 هزار ايڪڙ زمين آهي، اسٽيل مل کي پنهنجي جيٽي آهي، ريلوي لائن ذريعي سپر هاءِ وي سان ملي ٿي، سمنڊ کان مختلف پاسي ويندڙ ڪيترائي روڊَ ٺهيل آهن،165ميگا واٽ جو بجلي گهر  ۽ 165 بسترن واري اسپتال به آهي،50 فائيو اسٽار گيسٽ هائوسز، اسڪولز، ڪاليجز به آهن.

حڪومت جي مالڪي ھيٺ ڪيترن ئي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ان کان اڳ انھن کي خساري ۾ ڏيکارڻ اصل ۾ ملڪ جي ڪجهھ سرمائيدارن جي لاءِ مارڪيٽ ٺاھڻ ئي رھيو آھي.اھڙا ڪيترا ئي مثال ڏئي سگھجن ٿا.ملڪ جي وڏن ادران ۾ پي آءِ اي،پاڪستان اسٽيل، پاڪستان ريلويز، شوگر انڊسٽريز، ٽرانسپورٽ جون ڪارپوريشنز سان گڏ گيھھ جا ڪارخانا بھ ھئا.ذڪر ڪيل بند ٿيل يا وري گھاٽي ۾ ويندڙ ادارن جي خساري جو اصل سبب بدانتظامي، اقرباپروري، پنھنجا نوازي ۽ اجائي سياسي مداخلت رھي آھي.سنڌ ۾ اسٽيٽ سيمنيٽ ڪارپوريشن جا ڪارخانا انڪري بند ٿي ويا،جو ملڪ ۾ نجي سيڪٽر ۾ لڳندڙ ڪارخانن جي لاءِ مارڪيٽ جوڙڻي ھئي.جنھن ڪري ھٿ سان اتي بدانتظامي کي ھٿي ڏئي تباھ ڪيو ويو.شوگر انڊسٽريز بند ڪري شوگر ملز مافيا کي موقعو ڏنو ويو، ٽرانسپورٽ ڪارپوريشنن کي بند ڪرڻ جو مقصد نجي ٽرانسپورٽ کي ھٿي ڏيڻ ھو.

جيڪڏھن ملڪ ۾ سرڪاري مالڪي وارن ادارن جي بند ٿيڻ يا بند ڪرڻ بابت اسٽڊي ڪرائجي تھ ان سان معلوم ٿي ويندو تھ سياسي ڌرين توڙي ٽيڪنوريٽس جي فوج انھن ادارن کي ڪئين ھٿ سان تباھ ڪيو آھي.

اسٽيل ملز اھڙي وقت ۾ ملڪ ۾ لڳائي وئي ھئي جڏھن لوھ جي سخت ضرورت ھئي.ھزارين ايڪڙن تي ٺاھيل اسٽيل مل نھ رڳو ھڪ ميگا پروجيڪٽ ھو پر ان جي ملڪ جي اوسر ۽ ترقي ۾ خاصو حصو آھي.ھاڻي بھ اھو ممڪن آھي جيڪڏھن نيڪ نيتي سان اھو ادارو ھلايو وڃي تھ ڪنھن بھ طرح سان نقصان ۾ نٿو وڃي سگھي.پر ملڪ جي اعليٰ اختيارين جي پنھجي ايجنڊا آھي،جن اھو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي.

ھاڻي ذڪر ڪيل فيصلي ۾ ھڪڙو ھلڪو آسرو ڏنو ويو آھي تھ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار گڏجي ھاڻوڪي اسٽيل مل جي بنيادن تي نئين اسٽيل مل لڳائنديون.اھا عجيب ڳالھھ آھي جيڪڏھن ائين آھي تھ پوءِ ان کي بند ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي،اھو بھ سوچڻ جي ڳالھھ  آھي تھ حڪومتون ھڪ وڍجي ويل وڻ جي بدلي ۾ ٻيو وڻ لڳائڻ جو بھ فڪر نٿي ڪري اھا وري ڪئين ھڪ وڏي پراجيڪٽ کي بند ڪرڻ کانپوءِ  ان جي بنياد تي ڪا ٻي اسٽيل مل کڙي ڪندي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ حڪومت ھن اسٽيل مل کي ئي ھلائڻ لاءِ ان جي لاڳاپيل ماھرن سان ڳالھائي ان کي ھلڻ ڏئي.ان لاءِ سخت قانون سازي ڪئي وڃي.ان جي سخت مانيٽرنگ ڪئي وڃي،پر ائين ٿيندو ان ڪري نظر نٿو اچي جو حڪومت اھو اٽل ارادو ڪري ڇڏيو آھي تھ اربين رپين جي ھن پروجيڪٽ کي ڀڳڙن مٺ تي ڪٻاڙ خاني حوالي ڪندي.

  • مذھب شدت پسندي سبب ھجوم ھٿان ھڪ انسان جو قتل

ملڪ ۾ مذھبي شدت پسندي وڌي وئي آھي.قانون تي عمل جي اھا حالت آھي جو وقت بوقت ھجوم قانون کي ھٿ ۾ کڻي  الزام ھيٺ آيل ماڻھو جي حياتيءَ ختم ڪري ٿو ڇڏي.سوات جي علائقي مدين ۾بھ اھڙو واقعو ٿيو آھي. ٿاڻي تي حملو ڪري قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي الزام ۾ گرفتار شخص کي ھجوم ساڙي سندس حياتي ئي ختم ڪري ڇڏي. سوات جي علائقي مدين ۾ خميس جي رات هڪ ٿاڻي تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڊي ايس پي آفيس ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 گاڏين کي باهه ڏني. مڇريل ھجوم الزام ھيٺ آيل شخص کي پوليس جي تحويل مان ڪڍي باهه ڏئي ڇڏي.سڙيل لاش جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ساڙي ماريل شخص سيالڪوٽ جو رهواسي هو. هو 18 جون کان سوات وادي جي مدين ۾ هڪ هوٽل ۾ اڪيلو رهندو هو.

رپورٽن موجب پاڪستان ۾ آزادي کان وٺي 103 ماڻهن کي توهين رسالت جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو.ھڪ رپورٽ موجب بين الاقوامي مذهبي آزادي پاڪستان ۾ 1987ع کان وٺي هن وقت تائين 2100 کان وڌيڪ ماڻهو توهين رسالت جا الزام مڙهي چڪا آهن، 1994 کان 2023 تائين، 95 ماڻهن تي توهين رسالت جي الزام ھيٺ ماريو ويو آھي.

اھڙن واقعن مان نشاندھي ٿي ٿي تھ ملڪ ۾انتھا پسندي ۽شدت پسندي وقت سان وڌي رھي آھي.جيتوڻيڪ اسلام اھڙي ڪنھن بھ الزام جي صورت ۾ قانون واضح ڪيو آھي ۽ قانون تي عمل جي لاءِ اختيار حڪومت وٽ ھوندي اھڙن واقعن سان ملڪ جي ساک متاثر ٿئي ٿي ۽ انساني حياتيءَ جو زيان ٿئي ٿو.وس وارن کي اھڙين واقعن کي روڪڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪرڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.