علي امين گنڊاپور جي عمران خان سان سوا ڪلاڪ ملاقات، سياسي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (م ڊ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رپورٽ موجب ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور گيٽ 5 کان اڊيالا جيل ۾ داخل ٿيو، هن پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي، جيڪا ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواه جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. علي امين گنڊاپور عمران خان کي ڊگهي لوڊشيڊنگ بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. ملاقات کانپوءِ علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل مان روانو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.