عمران خان پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت ٻڌڻي لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف  جي باني چيئرمين عمران خان اليڪشن ۾ ڌانڌلي بابت آئيني درخواست تي جلد ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڪيل حامد خان سپريم ڪورٽ ۾ جلد ٻڌڻي لاءِ الڳ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ چيو ويو ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي انڪوائري جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، ڌانڌلي خلاف درخواست ۾ عوامي مفاد ۽ بنيادي حقن جو سوال اٿاريو ويو آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان نيب ڪيس ۾ ڌانڌلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي جي درخواست ڪئي هئي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ڌانڌلي  جي الزامن تي جڊيشل ڪميشن جي درخواست 25 جون تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.