رياست شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪري\انساني حقن جا اڳواڻ/وڪيل

حيدرآباد(رپورٽر) ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، جيڪڏهن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ ڌمڪيون  ملي رهيون آهن ته رياست ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري. هن چيو ته ايڇ آر سي پي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان گڏ آهي، انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي جنرل سيڪريٽري حارث خليق چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي ڌمڪيون ملڻ انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، رياست فريادين کي ڌمڪيون ڏيڻ تي قدم کڻي ۽ رياست کي متاثر ڌر سان گڏ بيهڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ حڪومت پنهنجو ذميواريون نڀائي. هن چيو ته آئون ان ڪيس کي وڌيڪ ڏسندس. نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪيون ٿا، پوليس کي هر صورت ۾ هن هاءِ پروفائيل ڪيس جي فريادين کي تحفظ ڏيڻ گهرجي، طاقتورن پاران شهيد صحافي جي امڙ ۽ ٻين وارثن کي ڌمڪيون ڏيڻ ڪيس جي شفاف جاچ ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش سمجهي وڃي ٿي. هن چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا وارث کين ملندڙ ڌمڪين بابت پوليس کي آگاهه ڪن ۽ جيڪڏهن پوليس ڪو به تعاون نٿي ڪري ته پوءِ هو عدالت ۾ به وڃي سگهن ٿا. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ٻين وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ ملندڙ ڌمڪيون ملڻ بنيادي انساني حقن ۽ فريادي جي قانوني حق جي خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن ائين ئي فريادين کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون وينديون يا هٿ کڻايو ويندو ته پوءِ اها قانون ۽ رياست جي ڪمزوري تصور ڪئي ويندي، نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو چيو ته ڪيس جي فريادين ۽ شاهدن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي به ايف آئي آر داخل ٿي سگهي ٿي، ڌمڪيون ڏيڻ به ڏوهه آهي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا وارث چاهين ته هو ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ فريادي ۽ شاهدن کي تحفظ ڏيڻ بابت 2013ع ۾ قانون پاس ٿيل آهي، قانون ته موجود آهي، پر ان تي عمل ٿيڻ جي ضرورت آهي، رياست چاهي ته پاڻ به اهڙي صورتحال ۾ قدم کڻي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.