علي امين گنڊا پور کي اسٽيبلشمينٽ جي وارننگ

اسلام آباد( تجزيو: معظم فخر) ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ انھن جي قيادتن پاران وفاق ۽ رياست مخالف قدمن جي رد عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ بھ پنھنجو رد عمل ظاھر ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي، گذريل ڪجھھ ڏينھن کان خيبرپختونخواھھ جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور لوڊ شيڊنگ جي معاملي تي صوبي جي گرڊ اسٽيشنز تي قبضا ڪرڻ ۽ انھن جي پاورسپلاءِ کي تبديل ڪرڻ، يا وري ان جي وفاق تي چڙھائي وارن بيانن کي رياستي اختيارين وفاق ۽ رياست خلاف تصور ڪندي پنھنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ کڻڻ شروع ڪيا آھن، ھڪ نامياري ولاگر جاويد چوڌري پنھنجي ولاگ ۾ انڪشاف ڪيو آھي تھ چيف آف ارمي اسٽاف عاصم  منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ انجم نديم پاران خيرپختون خواھھ جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور سان رابطو ڪيو ويو آھي ۽ کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي تھ ھو اھڙي قسم جا عمل نھ ڪري جيڪي وفاق يا رياست جي خلاف ھجن، گرڊن اسٽيشنز تي قبضا ڪرڻ، انھن کي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائڻ ۽ انھن جو رابطو نيشنل گرڊ سان ڪٽي ڇڏڻ ۽ گرڊ عملي سان سختيءَ سان پيش اچڻ اھڙا عمل آھن جيڪي سڌو سنئون وفاق ۽ رياست جي خلاف آھن، تنھنڪري اوھان کي اطلاع ٿو ڪجي تھ اوھان جي اھڙن عملن کي روڪڻ لاءِ ھر قسم جو سخت قدم کنيو ويندو، پوءِ کڻي خيبر پختون خواھھ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻو پئي يا وري ڪا مني مارشل لاڳو ڪرڻي پئي.

  1. لوڊشيڊنگ  تي عوامي رد عمل ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو:گنڊاپور

پشاور (م ڊ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو وري ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻارنهن ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڪٿي ائين نه ٿئي عوام ظابطي مان نڪري وڃي تنهنڪري وفاقي حڪومت سنجيدگي  جو مظاهرو ڪري. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ بابت اجلاس ٿيو جنهن دوران صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جي تازي صورتحال، اوڳاڙي ۽ ٻين معاملن تي آگاهي ڏني وئي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هڪ مهيني دوران ڪي پي حڪومت جي سهڪار سان هڪ ارب رپين جي ريڪوري ڪئي وئي، پيسڪو جي ٿاڪن ۽ عملي کي پوليس جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي زيرو لوڊشيڊنگ جو واعدو ڪيو ويو پر عملدرآمد نه ٿيو، عيد تي ڪيئي علائقن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وئي، بجلي جي بندش سبب پهرين مئي کان هنيئر تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف 81 احتجاجي مظاهرا ٿيا جنهن ۾ عورت پڻ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي علي امين گنڊاپور چيو ته بجلي سان جڙيل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي، افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ناهي ڪري رهي، عيد جي موقعي تي به بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري رهي. هن چيو ته ريڪوري کانپوءِ به بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي زندگي زهر ٿي وئي آهي ۽ عوامي ردعمل سخت ٿيندو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا صوبائي حڪومت جو ناهي، لوڊشيڊنگ هڪ عوامي مسئلو آهي ۽ عوام جو ردعمل بنا سبب ناهي. وڏي وزير هڪ ڀيرو وري چيو ته صوبي ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت قبول ناهي، ڪٿي ائين نه ٿئي عوامي ردعمل ظابطي مان نڪري وڃي، وفاقي حڪومت کي ان سلسلي ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، صوبي ۾ لائين لاسز کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.