11 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپ ڪاريءَ ۾ 15 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (م ڊ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 15 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. انهيءَ عرصي دوران پرڏيهي سيڙپڪاري 1.7 ارب ڊالر رهي. جيڪا گذريل مالي سال  جي ساڳئي مهينن ۾ 1.5 ارب ڊالر هئي. جڏهن ته مئي مهيني ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا 271 ملين ڊالر رهي، اپريل جي مهيني ۾ 359 ملين ڊالر هئي. مالي سال جي پهرئين يارنهن مهينن ۾ چين مان آيل سيڙپڪاريءَ ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آمريڪا کان آيل سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته يو اي اي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. چين پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۾ هانگ ڪانگ کان ٿيندڙ سيڙپڪاري ۾ 39 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سنگاپور، ڪينيڊا ۽ هالينڊ کان سيڙپڪاري ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.