سول اسپتال ڪراچي مان ڪينسر جي مريضن لاءِ آيل 36 ڪروڙن جون دوائون وڪرو

ڪراچي (رپورٽر )   سول اسپتال ڪراچي ۾ ڪينسر جي مريضن کي آيل دوائون 36 ڪروڙ رپين جون دوائون چوري، تفصيل مطابق سول  اسپتال ڪراچي ۾ ڪينسر جي مريضن لاءِ دوائون مريضن کي ڏيڻ بجاءِ اسٽور انچارج  تي 36 ڪروڙ رپين جو دوائون چوري ڪرڻ جو الزام، ذريعن موجب ايم ايس سول اسپتال پاران دوائون جو رڪارڊ  چيڪ ڪرائڻ تي  خبر پئي ته ڪينسر جون لڳ ڀڳ 36 ڪروڙ جي دوائون غبن ڪري  جعلي نالي جاري ڪري چوري ٿي چڪيون آهن ۽ اهڙي تصديق کانپوءِ ايم ايس  ڊاڪٽر خالد بخاري جي فرياد تي سول اسپتال ڪراچي جي ٻن ملازمن نياز احمد خاصخيلي ۽ اقبال احمد چنا خلاف عيدگاهه ٿاڻي تي 409 ۽ 34 قلم تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته دوائون چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار نياز احمد خاصخيلي آل سنڌ پيپلز  پيرا ميڊيڪل اسٽاف سنڌ جو نائب صدر  آهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي ايم ايس  ڊاڪٽر خالد بخاري 36 ڪروڙ جي دوائون چوري ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته حد جي ٿاڻي ۾ ملوث ٻن ملازمن  خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.