ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي جو اڄ اجلاس طلب

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو،اسپيشل انويسٽمينٽ  فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ 1 وڳي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو.اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزير، چئني وڏن وزيرن سميت سمورا آءِ جيز به شرڪت ڪندا.ذريعن موجب اجلاس ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم فيصلا متوقع آهن.اجلاس ۾ چيني مزدورن جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ چين جي سيڙپڪارن سان ميٽنگن بابت ايس آءِ ايف سي کي آگاهي ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.