ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ، شهرين جا احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، اڪثر مظاهرين روڊ بلاڪ  ڪري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏيو آهي،ابوالحسن اصفهاني روڊ ۽ لياقت آباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو.احتجاج ڪدنڙ ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڇتي نعريبازي ڪندا رهيا، ٻئي طرف احٽجاجي مظاهرن سبب شهر جو ٽرئفڪ نظام ڊانواڊول ٿي ويو، ٽرئفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته پيراڊائز چوڪ کان ٽرئفڪ کي سهراب ڳوٺ ٿاڻي طرف موڙيو ويوآهي، جڏهن ته سهراب ڳوٺ کان ايندڙ ٽرئفڪ کي سروس روڊ ذريعي هلايو پيو وڃي، اهڙي طرح لياقت آباد 10 نمبر پل تي احتجاج سبب ٽرئفڪ کي ناظم آباد طرف موڙيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.