ڪراچي ۾ افغاني قبضا پيا ڪن،ٺٽي ۾ سمنڊ آڏو بند ٻڌو وڃي: سنڌ اسيمبلي ميمبر

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 25/2024 تي بحث جاري،  پ پ جي روما مشتاق چيو ته بجيٽ کي  عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته اقليتن ۽ کدڙن جي ملازمتن واري ڪوٽا ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، سرڪار اقليتن جي نالي تي ڏنل شراب جي گتن جا لائسنس رد ڪري، سني اتحاد ڪائونسل جي ريحان راجپوت چيو ته سنڌ روينيو بورڊ  20 سيڪڙو به اوڳاڙي نه پيوڪري، پوءِ اهو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي، پ پ جي شاهه حسن شيرازي چيو ته شاهه بندر تعلقي ۾ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي پيو، ان ڪري سمنڊ کي بند ڏياري زمينون بچايون وڃن، عوام لڏپلاڻ تي مجبور آهي، هن چيو ته واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائي پاڻي ٽيل تائين پهچايو وڃي، متحده جي جمال احمد چيو ته آصفه ڀٽو جي موجودگي ۾ ڪراچي جوڪيس وڙهان ٿو، اميد آهي ته کٽي ويندس، ڪراچي جا بنيادي مسئلا پاڻي، صحت ۽ تعليم جا آهن اهي حل ڪيا وڃن،  پ پ جي مخدوم فخرالزمان چيو ته مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، مخدوم طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڀٽ شاهه هاءِ اسڪول جا منصوبا مڪمل ڪيا وڃن، پ پ  جي مليحه منظور، ندا کهڙو، ريحانا لغاري، سجيلا لغاري، هري رام، شير محمد مغيري ۽ سڪندر شورو چيو ته پ پ قيادت جي هدايت تي عوامي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام تي رحم ڪري، بجلي جا مسئلا حل ڪري، هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته برساتن لاءِ اڳواٽ بندوبست ڪيو وڃي، ايل بي او ڊي ۽ آربي اوڊي جا ٽيوب ويل سولر تي هلايا وڃن، سمنڊ کي روڪڻ لاءِ بند ٻڌو وڃي،  هنن چيو ته  تعليم جي شعبي ۾ سرڪار کي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آبادگارن کان ڪڻڪ في مڻ صرف 2800 ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، اها صورتحال رهي ته آبادگار ڪڻڪ پوکڻ ئي ڇڏي ڏيندا، متحده جي جمال صديقي، شوڪت رانا، فوزيه حميد، فرحان انصاري، شارق جمال، فهيم احمد، ۽ ٻين چيو ته سنڌسرڪار ڪراچي  لاءِ نوان منصوبا نه رکيا آهن، پراڻو مسئلو پاڻي جواهو به حل ڪرڻ لاءِ تيار نه  آهي، نه وري سرڪار ٻهراڙين ۾ پاڻي چوري روڪي ٿي ۽ نه وري ٽيل تائين پاڻي پهچائي ٿي، سيڊ ڪارپوريشن ۽ زرعي يونيورسٽي ڪو نئون ٻج نه  آڻي سگهيون آهن، ڪهڙي شعبي ۾ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي آهي، هنن چيو ته شهر هجن يا ڪچو هجي امن امان جي صورتحال خراب آهي، زرعي ٽيڪس سرڪار وصول نه ٿي  ڪري سگهي، شهري وفاق کي ٽيڪس ڏين ٿا،  ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي، هنن چيو ته مهاجر آبادي وارن علائقن کي تعليم صحت سميت هر شعبي ۾ نظر انداز ڪيو وڃي ٿو،ڪراچي جي سبزي منڊي تي افغانين جا قبضا آهن، سنڌ کي ڪابل ۽ قنڌار کان خطرو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪراچي واسين کي پاڻي ۽ قبرستانن لاءِ زمين ڏني وڃي، سني اتحاد ڪائونسل جي محمد علي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ ميگا پراجيڪٽ  نه رکيا آهن، اسان جومطالبو آهي ته ڪراچي لاءِ 500 ارب رپين جا منصوبا شامل ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪراچي جا مسئلا اجاڳر ڪرڻ دوران مخالف ڌر جي متحده ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ۾ جملن جي ڏي وٺ ۽ گوڙ ٿيندو رهيو، جڏهن ته سرڪاري ڌر جا ميمبر تماشوڏسندا رهيا. اسپيڪر اجلاس اڄ ڇنڇر ڏينهن صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.