وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائم وارن علائقن جا پوليس آفيسر جوابده هوندا: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي پهرين کيپ چائنا مان جون 2024 جي آخري هفتي  ۾ اماڻي ويندي، ان سان گڏ ڪيمرائون لڳائڻ لاءِ مڪمل سولر سلوشن ٿنڀا پڻ پهچي ويندا. اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سيف سٽي پروجيڪٽ، ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ شهر ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف آپريشن ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي مضبوطي بابت اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءَ لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري سنڌ آغا واصف، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  وڏي وزير چيو ته پوليس شهر ۾ گشت شروع ڪري ڇڏيو آهي پر ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ ڊرگ مافيا خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون مضبوط ڪرڻ گهرجن. وڏي وزير گهرو ۽ قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف مناسب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ آءِ جي پوليس کي پڻ هدايت ڪئي ته هو سمورن اسٽريٽ ڪرمنلز جي لسٽ ٺاهي ٻين ادارن ۽ سمورن ٿاڻن سان شيئر ڪن ته جيئن انهن کي گرفتار ڪري سگهجي. آءِ جي پوليس چيو ته شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ تجربيڪار ايس ايس پيز کي مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي. ڪچي ۾ آپريشن لاءِ شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ آر آر ايف اهلڪار يا 14 پلاٽون مقرر ڪيا ويا آهن. سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪچي واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع ملڻ تي گڏيل آپريشن ڪيو آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن کي خاص تربيت ڏني وڃي گهرو وزير ضياءَ لنجار وڏي وزير کي ٻڌايو ته پوليس متاثر ضلعن سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور لاءِ 14 ڊرونز جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن هو ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ مصروف پوليس فورسز کي هوائي مدد فراهم ڪري سگهن.  هن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته پوليس لاءِ وڌيڪ ڊرون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي. وڏي وزير ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واهه انڊسٽريز کان وڌيڪ 20 ڊرون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ رڳو 7 جوابدارن کي سزا ڏني وئي جڏهن ته هن سال 2024ع ۾ 11 جوابدارن کي سزا ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.