نواز شريف ۽ جنرل باجوا ۾ 2017 کانپوءِ ڪا به ملاقات ناهي ٿي : عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ 2017ع کانپوءِ ملاقاتن جي ترديد ڪري = ڇڏي. مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس تصديق ٿيل ڄاڻ موجب پاناما ڪيس ۾ عدالتي فيصلي کانپوءِ يعني 28 جولاءِ 2017 کان وٺي جنرل باجوا ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۾ ڪا به ملاقات ناهي ٿي. عرفان صديقي چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي اڌ منٽ جي تعزيت کانسواءِ گذريل 7 سالن ۾ نواز شريف ۽ جنرل باجوه وچ ۾ ڪو به ٽيليفون رابطو ناهي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.