باجوا عمران خان کي هٽائڻ لاءِ نواز شريف سان مليو هو: محمد زبير

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي ترجمان محمد زبير دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان حڪومت بي اعتمادي جي رٿ وسيلي ختم  ڪرڻ کان اڳ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه نواز شريف سان لنڊن ۾ ملاقاتون ڪيون، جتي کيس ٻيهر مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي وئي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ محمد زبير چيو ته 8 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي هئي ۽ ان کان لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ جنوري ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جون ڳالهيون شروع ٿيون. هن چيو ته ملاقات بابت هو قطعي طور تي نٿو چئي سگهي، پر ٻڌو هو ته جنرل (ر) باجوه جون لنڊن ۾ نواز شريف سان ٻه ملاقاتون ٿيون ۽ (ن) ليگ جي اعليٰ قيادت طرفان جنرل (ر) باجوه کي چيو ويو ته توهان کي  هڪ ٻي واڌ ڏينداسين. محمد زبير چيو ته حقيقت اها آهي ته هنن اليڪشن ڪرائڻ ئي نه ٿي  چاهي. کين ڊپ هو ته جيڪڏهن چونڊون ڪرايون ويون ته عمران خان کٽي ويندو ۽ سڄي راند ختم ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته مان پڇڻ چاهيان ٿو ته پوءِ توهان بي اعتمادي جي ووٽ سميت اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو؟ اهو طئي هو ته پي ٽي آءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻه ٽي ٽي اڪثريت حاصل ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.