اسلام آباد( تجزيو: حسنات ملڪ+اسد طور): عدليھ ۾ ايجنسين جي مداخلت متعلق وڌيڪ واقعن جي منظرعام تي اچڻ بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى پاران سنجيدگيءَ جو مظاھرو نھ ڪرڻ تي مٿس تنقيد وڌي رھي آھي ۽ عدليھ جي ڪردار تي پڻ سوالھ نشان لڳي رھيو آھي، عديلھ ۾ ايجنسين جي مداخلت خلاف پھرين مزاحمت لاھور ھاءِ ڪورٽ پاران سپريم ڪورٽ کي ڇھھ خط لکي ڪيو ويو ھو جنھن بعد صورتحال ھن منزل تي پھتي آھي. عدليھ ۾ مداخلت متعلق سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي آخري ٻڌڻي گذريل مھيني جون جي 7تاريخ ٿي ٿي ھُئي ۽ ان بعد ھن وقت تائين ڪا ڪارروائي نھ ٿي آھي. عدليھ ۾ ايجنسين جي مداخلت متعلق قاضي فائز عيسى جو اھو موقف رھيو آھي تھ عدليھ ۾ جيڪڏھن ايجنسين جي مداخلت ٿئي ٿي تھ ھاءِ ڪورٽ سطح تي انھن جو نوٽيس ڇو نھ ٿو ورتو وڃي، ۽ انھن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نھ ٿي ٿئي؟ ۽ جيڪڏھن جج ھاءِ ڪورٽ سطح تي ڪو دٻاءُ برداشت نھ ٿا ڪري سگھن تھ پوءِ گھر ھليا وڃن. عدليھ ۾ ايجنسين جي مداخلت جي خلاف قدم کڻڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى ڪنھن بھ دلچسپيءَ جو مظاھرو نھ ڪيو آھي، ايتري قدر جو ان لاھور ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججن جي سپريم ڪورٽ کي موڪليل خطن تي فل ڪورٽ ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ ھن قانون واري وزير، اٽارني جنرل ۽ وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪري کين عدليھ ۾ ايجنسين جي مداخلت خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو. اھڙي نموني عدليھ ۾ ايجنسين جي مداخلت خلاف سپريم ڪورٽ جي ڪنھن سخت ڪارروائي بجاءِ معاملو ھڪ اڪيڊمڪ حل طرف نيو ويو. لاھور ھاءِ ڪورٽ پاران عدليھ ۾ مداخلت متعلق جيڪي ڇھھ خط لکيا ويا قاضي فائز عيسى انھن کي ڄاڻي واڻي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ، لاھور ھاءِ ڪورٽ ۽ پشاور ھاءِ ڪورٽ پڻ شدت سان ان ڳالھھ جو اظھار ڪري چڪيون آھن تھ عدليھ ۾ ايجنسين جي مداخلت ٿي رھي آھي پر جسٽس قاضي فائز عيسى جو چوڻ آھي تھ اھي ھاءِ ڪورٽن جا معاملا آھن سپريم ڪورٽ انھن ۾ داخلت نھ ڪندي. قاضي فائز عيسى اھڙو رويو اختيار ڪري اھو واضع ڪري ڇڏيو آھي تھ ھن پنھنجي ججن کي ايجنسين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي.