جيئن وفاقي يا سنڌ جي بجيٽ جو اعلان ٿيو آھي تيئن مھانگائي تيز ٿي وئي آھي جيڪا غريب جي چُلهي تي اثر انداز ٿيڻ لڳي آھي پر حڪومت مجبور آھي، جتي سڄو ملڪ سياسي معاشي تعليمي ۽ تعميري بحرانن جي ورچڙھيل ھجي اتي ملڪ کي گھربل قرضن لاء ملڪي حڪمران طبقي تي آءِ ايم ايف جي اھلڪارن جو زور ھجي ته ٽيڪس لڳايو، ترقياتي ڪم گھٽايو، خرچ گھٽايو اتي اسان وٽ ڪرپشن جي بازار گرم ھجي جانچ ڪندڙ ادارا رشوت وٺي ھر ڪيس مان بري ڪندا ھجن ملڪ ھرسال معاشي طور ڪمزور ٿيندو ھجي پوءِ اٽو لٽو کائن پيئڻ جون شيون غريب جي پھچ کان پري ايئن نه ٿينديون پوءِ اتي ان بحران مان نڪرڻ اسان وٽ واحد فارمولو ھوندوآھي قرض وٺون پوءِ اسان کي آءِ ايم ايف جا اھي سڀ شرط مڃڻا پوندا.
اھا حڪومتن جي مجبوري سمجھجي يا نا اھلي جو ھو ملڪي تمام وسيلن جي ھوندي قرض وٺڻ کي اھميت ڏين ٿا، زرعي ملڪ جي ڪڻڪ سستي اگھه تي ٻين ملڪن کي وڪرو ٿئي ٿي وري پنھنجي لاءِ مھانگي ڪڻڪ ٻاھران گھرائي ٿي وڃي نه رڳو مھانگي پر ھن سال اضافي ڪڻڪ جا انبار ھڻي ڇڏيا اٿن جيڪو ھتي جي ڪڻڪ لھڻ سان مقامي آبادگارن جي ڪڻڪ جي اگھه تي نه فقط اثر انداز ٿيو پر ذخريرا اندوزن کي سستي ڪڻڪ خريد ڪري لڪائي ڇڏڻ جو سونھري موقعو مهيا ڪيو آھي پر اتي ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس ناھي بجيٽ ۾ ڪافي شيون سٺيون ٿيون آھن اعلان ٿيو آھي سنڌ ۾ 75 ھزار نوان استاد ۽ 50 ھزار پولس وارا ڀرتي ٿيندا اھا سٺي ڳالھه پر اتي اھڙي معاشي بحران واري ڪيفيت ۾ ڪامورن کي نيون گاڏيون وٺي ڏيڻ ڪمپيوٽرن فرنيچر لاءِ 40 ارب رپيا مختص ڪرڻ ان طرف اشارو ڪري ٿو ته خرچ نه گھٽائڻ سنڌ حڪومت جي مجبوري آھي.
بھرحال سال 2024-25 جي بجيٽ جي تياري ۾ سنڌ حڪومت گذريل 10 سالن جي جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڪري انهن اسڪيمن کي مڪمل فنڊ فراهم ڪيا ويندا جن تي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم ٿي چڪو آهي ۽ جن جو فارورڊ 50 ملين کان گهٽ آهي انهن منصوبن لاءِ 50 سيڪڙو رکيا ويندا جن جو فارورڊ 50 کان 100 ملين آهي 20 سيڪڙو ٻين ترقياتي اسڪيمن لاءِ به بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن، سٺي ڳالھه اھا ٿي آھي جو سنڌ جي بجيٽ ۾ تعليم ۽ صحت کي خاص ترجيح، ڏني وئي آھي ساڳي وقت پگهارن ۾ 30 سيڪڙو، پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اُجرت 37 هزار مقرر ڪئي وئي تنھنڪري اھو چئي سگھجي ٿو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ جيڪا بجيت پيش ڪـئي ان سان صوبي جي ترقي جون اميدون وابسته آھن
گھڻن جو خيال آھي ڪراچي کي بجيٽ ۾ نظر اندار ڪيو ويو آھي ان لاءِ ڪو خاص پيڪيج جو اعلان نه ٿيو ھي، ايئن وزير اعليٰ کي به وفاق تي شڪايت آھي ته وفاق سنڌ جي 80 رٿائن تي عمل ناھي ڪيو ان ڪري سنڌ کي 30 ارب وفاق کان ناھن مليا، سنڌ بجيت ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30، 25 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي گريڊ 7 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 22 سيڪڙو، 17 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن لاءِ پينشن ۾ 15 سيڪڙو، جڏهن ته هوائي جهازن، ملڪيتن، گاڏين سميت سمورن ڪاروبارن تي 15 ارب رپيا قرض بينڪن کان به ورتو ويندو.
اهڙي طرح بجيٽ ۾ 15 ارب رپين جو خسارو به ڏيکاريو ويو آهي، نئين بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 959.1 ارب رپيا، تعليم لاءِ 334 ارب رپيا رکيا ويا آهن. 329 ارب رپيا، امن امان لاءِ 194 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب رپيا، زراعت لاءِ 77 ارب رپيا، آبپاشي لاءِ 94 ارب رپيا، ڪم ۽ سروسز لاءِ 86 ارب رپيا رکيا ويا آهن هارين لاءِ بينظير ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ 8 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ سروسز تي لڳندڙ جنرل سيلز ٽيڪس ۾ 2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ فارم هائوسز تي به ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، طبي عملي ۽ صلاحڪارن کي به 15 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ريسٽورنٽ ۾ ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادائيگين تي 5 سيڪڙو ٽيڪس گھٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آھي لگزري گاڏين تي 150000 کان 450000 رپيا ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ حب ڪينال وانگر نئين ڪينال جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويندا. سنڌ جي بجيٽ ۾ پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي پروفيشنل ٽيڪس جي شرح 1.2 سيڪڙو مان وڌائي 20 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. غريبن جي رليف لاءِ 34.9 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته سبسڊي پروگرام لاءِ 116 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
بجيٽ ۾ 30 کرب رپين جي آمدني جو امڪان آهي. جنهن ۾ وفاقي منتقلي 62 سيڪڙو، صوبائي وصوليون 22 سيڪڙو، سرمائيداري وصوليون 22 ارب رپيا، پرڏيهي منصوبا 334 ارب رپيا امداد شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندي چيو ته پگهارن جو سڀ کان وڏو حصو 38 سيڪڙو آهي، مختلف پروگرامن لاءِ گرانٽ 27 سيڪڙو آهي. غير پگھار خرچ 21 سيڪڙو آھن جن ۾ آپريشنل خرچ، منتقلي، سود جي ادائيگي ۽ ٻيا شامل آھن. ملازمن جي پينشن ۽ ريٽائرمينٽ جا فائدا موجوده خرچن جو 14 سيڪڙو آهن. موجوده سرمائيداري خرچن ۾ 42 ارب رپيا قرضن جي ادائيگي ۽ ٻين لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته 142.5 ارب رپيا سرڪاري سيڙپڪاري لاءِ رکيا ويا آهن. ترقياتي خرچن ۾ صوبائي اي ڊي پي شامل آهي جنهن ۾ 493 ارب رپيا پرڏيهي پراجيڪٽ امداد، 334 ارب رپين جي پرڏيهي پروجيڪٽ امداد، 77 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي ذريعي ٻين وفاقي گرانٽس ۽ 55 ارب رپيا ضلعي جي سماجي خدمتن ۾ سيڙپڪاري شامل آهن ايندڙ مالي سال 25-2024 ۾ مڪاني ڪائونسلن جي بجيٽ 121 ارب رپين مان وڌائي 160 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ لاءِ 30 ارب رپيا، ايس جي اينڊ سي ڊي لاءِ 153 ارب رپيا ۽ داخلا لاءِ 194 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
ڄاڻايل بجيٽ جي اعلان ٿيڻ شرط شين جا اگھه وڌيا آھن جيڪوغريبن جي خوشين ۾ عيد الاضح جي موقعي تي خلل وجھي ڇڏيو اٿس ضرورت ان ڳالھه جي آھي جتي صوبي جي ترقي ۽ تعمير لاءِ وٺجن اتي حڪومتي سطح تي ھر شھر ۾ منافي خورن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاھيون وڃن جيڪي ان مسئلي کي ڏسن جيئن غريب جو چلھو اجھامي نه پر ٻرندو رھي.