ڊي ايس پي ليگل ظفر جاويد سميت 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (حفيظ ڦلپوٽو) گلشن اقبال ۾ پان جي دڪان مان ڦر واردات ڪيس ۾ ڊي ايس پي سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي  اي وي ايل سي موجب وڊيو ۾ نظر ايندڙ موبائيل ڊي ايس پي ليگل ظفر جاويد جي استعمال هيٺ آهي. ايس ايس پي موجب وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، ڪالهه صبح جو ڦر جو ڪيس پان دڪان مالڪ شاهزيب جي مديت ۾ داخل ڪيو ويو هو. پوليس ٻڌايو آهي ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ پوليس موبائيل تحويل ۾ورتي وئي آهي، شروعاتي جاچ ۾ ڊي ايس پي جو پٽ ۽ سندس ساٿي ملوث ظاهر ٿيا آهن. ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال 13 ڊي ۾ ساده لباس ماڻهن پوليس موبائيل ڪاهي پان جي ڪيبن ۾ لٽ ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر تي اچي ويا. دڪاندار ٻڌايو ته واردات ۾ کيس 70 هزار رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، اهي ساڳيا ماڻهو هلندڙ مهيني 2 تاريخ تي به هن کان ڦر ڪري ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.