ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ اي ٽيگنگ ريپٽ اسٽريٽ ۽ منشيات فروشن ۾ ملوث ڏوهارين لاءِ 4000 ڊيوائسز حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير شهر جي هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ اسٽريٽ ۽ منشيات جي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ جيو ٽيگنگ ۽ جي پي ايس استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي پي) کي هدايت ڪئي ته سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جي پوليس کي ڏوهارين/ڌاڙيلن ۽ انهن جي ٺڪاڻن تي نظر رکڻ لاءِ 14 ڊرونز فراهم ڪن جيڪي گذريل مهيني خريد ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته مون کي خبر آهي ته پوليس رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل سهڪار سان شهر ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي جي علائقن ۾ اغوا ۽ ڀُنگ جي ڏوهن ۾ شامل آهي پر اسان کي انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ گهرجي اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ضياءَ لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سينئر ميمبر بورڊ آف ريونيو بقاءَ الله انڙ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ۽ ٻين صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان منشيات تي ضابطو نه آندو ته ڪراچي جي صورتحال ۽ ان جي موجوده ڏوهن جي شرح مان مطمئن نه ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته هن سيف سٽي پروجيڪٽ لاءِ اڳ ئي 5.6 ارب رپيا جاري ڪيا آهن.