ڪراچي (پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي چيو آھي ته آءِ ايم ايف جي غلامي واري دستاويز کي بجيٽ جو نالو ڏنو ويو آھي جنھن سرڪاري ملازمن توڙي عوام کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. ڪتاب ۽ ڪاپين تي به ٽيڪس مڙهي علم ۽ ڪتاب دشمني جو ثبوت ڏنو ويو آھي. وفاقي بجيٽ تي تبصرو ڪندي صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ ھوته بجيٽ عوام دشمن ۽ ان سان مھانگائي جو وري نئون طوفان ايندو. سڄو بار پيڙھيل طبقي تي وجھڻ ڪٿان جو انصاف آھي. ھنن ظالم حڪمرانن جو وس پڄي ته قدرتي ھوا ۽ ماڻھن جي ساھه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏين. ملڪ جو مدي خارج نظام غريبن جو رت چوسي اميرن ۽ ادارن کي طاقت بخشي ٿو.