اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ن ليگ سان رڳو بجيٽ جو معاملو ناهي، هن اڳ به چيو هو ته اسان کي پنجاب ۾ جاءِ گهرجي.پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ختم ٿي ويو آهي،ڳالهين کانپوءِ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر هڪ اجلاس ۾ ڳالهيون مڪمل نه ٿيون ٿي سگهن، ڪجهه معاملا آهن جيڪي وزيراعظم سان لاڳاپيل آهن، ڪجهه معاملا اهڙا آهن جيڪي وزيراعليٰ سان لاڳاپيل آهن.اسان چاهيون ٿا ته جيڪي تحريري معاملا طئي ٿي ويا آهن انهن کي مڪمل ڪيو وڃي، جيڪا بجيٽ ٺاهي
پئي وڃي ان تي پيپلز پارٽي جي راءِ ورتي وڃي.ڪجهه نقطن تي عمل ڪيو ويو آهي، ڪجهه رهجي ويا آهن.