لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت مالي سال 25-2024 جي بجيٽ ۾ گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي مفت سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بجيٽ دستاويز موجب صوبائي سطح تي 9 ارب 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مهانگي بجلي ۽ بلن کان پريشان عوام کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي. بجيٽ دستاويز موجب پهرين مرحلي ۾ 100 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي مڪمل سولر سسٽم مفت فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي لڳائڻ جا سمورا خرچ پنجاب حڪومت ادا ڪري رهي آهي. بجيٽ دستاويز موجب وڏي وزير سولرائيزيشن آف ايگريڪلچر ٽيوب ويلز پروگرام 9 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت 7 هزار ٽيوب ويلن کي سولر تي منتقل ڪيو ويندو. هوڏانهن پنجاب اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. بجيٽ تقرير ڪندي پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو ته هن حڪومت جي پهرين ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ ترقي جي شروعات ٿي چڪي آهي، وزير اعليٰ مريم نواز مهانگائي جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 5 هزار 446 ارب رپيا آهي، ڪُل آمدني جو ڪاٿو 4 هزار 643 ارب 40 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، 842 ارب رپيا ڊيولپمينٽ خرچ تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني ڊيولپمينٽ پلان ۾ 77 نوان ميگا پراجيڪٽ شامل هوندا. سندس چوڻ هو ته موجوده روينيو هدف 960 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو، 960 ارب روينيو صوبو پنهنجي ذريعن سان گڏ ڪندو، گهٽ کان گهٽ اجرت 32 هزارن مان وڌائي 37 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.