مورو (رپورٽ: جاني مورائي) مورو ڀرسان نوان جتوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش ڏھر ۾ ڏھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جيھڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾گوليون لڳڻ ڪري ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، مقتول نوجوان جو لاش سندس وارث پوليس سول اسپتال مورو کڻائي آيا جتي سندس سڃاڻپ 26سالا نوجوان شريف ولد سارنگ ڏھر جي نالي سان ٿي آھي، پوليس موجب زرعي زمين مان گاھه ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾نوجوان قتل ٿي ويو آھي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو، جڏھن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪارروائي ڪري رھي آھي.