سائفر ڪيس ۾ عمران ۽ شاهه محمود جي بريت چئلينج

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم  ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ثبوت ۽ فارنزڪ ٿيل دستاويزات ٽرائل دوران ڏنا. هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اهو ظاهر نٿو ڪري ته ڪهڙن بنيادن تي جوابدارن کي بري ڪيو ويو.  ايف آءِ اي موجب عمران خان سائيفرجي ڪاپي پاڻ وٽ رکي هئي ۽ اها اڃا تائين پرڏيهي آفيس کي واپس نه ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي پنهنجي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جي عمران خان خلاف بيان جو به حوالو ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي موجب ٽرائل دوران عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جو رويو عجيب هو ۽ انهن ٽرائل جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون. ايف آءِ اي موجب ٽرائل دوران عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي طرفان 65 درخواستون داخل ڪيون ويون ۽ عدالت انهن درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڏنو، جڏهن ته پراسيڪيوشن طرفان شاهديون پيش ڪيون ويون پر انهن جي وڪيلن جرح دوران به انهن کي رد ڪري ڇڏيو لطافت ۽ لعل سان گڏ ڪم ڪيو ۽ عمل ۾ ڦاسي پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.