وفاقي بجيٽ ۾ اقليتن جي فلاحي اسيڪمن لاءِ گرانٽ ختم

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اقليتن جي فلاحي اسڪيمن لاءِ گرانٽ ختم ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ مالي سال ۾ اقليتن جي فلاحي اسڪيمن لاءِ فنڊز مختص نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ اقليتن جي فلاحي اسڪيمن لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا.بجيٽ ۾ سماجي ڀلائي جي منصوبن لاءِ گرانٽ به ختم ڪئي وئي آهي.بجيٽ دستاويز موجب هلندڙ مالي سال ۾ سماجي ڀلائي جي ڪمن لاءِ 20 ڪروڙ رپين جي گرانٽ مختص ڪئي وئي.بجيٽ ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل ٽرسٽ جي گرانٽ کي 50 لک مان وڌائي 80 لک رپيا ڪيو ويو آهي.بجيٽ ۾ نوراني فائونڊيشن بورڊنگ اسڪول لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.اهڙي طرح حسن ابدال ڪيڊٽ ڪاليج جي گرانٽ 7 ڪروڙ رپين مان وڌائي 25 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۽ فورمز لاءِ گرانٽ 2 ڪروڙ رپين مان وڌائي 15 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.