اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته خساري مٿان خسارو آهي، اهي قرض کڻي خسارو پورو ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت صوبن کي وياج تي پئسا ڏئي رهي آهي، اسلامي تعليمات موجب وياج الله سان جنگ آهي، اسان ڇو ڏيون ۽ ڇو پيا وٺون. غير مسلم جي حيثيت سان مون کي شرم ٿو اچي ته اسان منافقت ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن تجويزون ڏيون ته هڪ به تجويز تي عمل نه ٿيندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته هڪ سال تائين ايوان ۾ نه ايندس. جڏهن ته سينيٽر عبدالشڪور پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ هڪ هندو ميمبر وياج خلاف الله جو حڪم پڙهي رهيو آهي، الله جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ تي مان پاڻ کي چماٽ وهائي رهيو آهيان.سينيٽر عبدالشڪور پنهنجي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي.