لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ڪيسز کي ٻئي عدالت منتقلي جون حڪومتي درخواستون ڏنڊ سان گڏ رد ڪري ڇڏيون آهن.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد خان عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سميت ٻين جوابدارن جي 9 مئي ڪيسز راولپنڊي جي عدالت کان ٻئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد ريمارڪس ڏنا ته ججز تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهو افسوسناڪ عمل آهي. ملڪ کي مذاق بڻايو ويو آهي، جيڪو جج پسند نه اچي ان جي خلاف تقريرون شروع ڪيو وڃن ٿيون، اهو هاڻ نئون ٽرينڊ شروع ٿي ويو آهي.هن چيو ته ٻڌايو ڇا جج جي مخالف پارٽي سان مائٽي آهي يا انهي پئسا ورتا آهن؟ جيل ۾ ڪهڙو خطرو آهي؟ ڇا جج آسمان تي ويهي ڪيس جي ٻڌڻي هلائين؟ اهو ڪٿي لکيل آهي ته جج جي خلاف ريفرنس ايندو ته اهو ڪم بند ڪري ڇڏيندو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو مرضي جي ججز وٽ ڪيس لڳرائڻ چاهين ٿا حڪومت کي ته نه لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز تي اعتبار آهي نه ئي وري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز تي.ان موقعي تي پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اسان جو ڪنهن به جج سان ذاتي مسئلو نه آهي جنهن تي جسٽس ملڪ شهزاد چيو ته پراسيڪيوٽر صاحب اهو حڪومت جو ذاتي مسئلو ئي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پنجاب حڪومت جي 2-2 لک رپيا ڏنڊ سان گڏ ڪيسز ٻئي عدالت منتقلي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
-
مرگله هلز نيشنل پارڪ تان ريسٽورنٽ ختم ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد (بيورو)سپريم ڪورٽ مارگله هلز نيشنل پارڪ مان سموريون ڪمرشل سرگرميون 3 مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس نعيم اختر مارگله هلز نيشنل پارڪ ۾ ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مارگله هلز نيشنل پارڪ ۾ 3 مهينن ۾ سموريون ڪمرشل سرگرميون بند ڪيون وڃن، سي ڊي اي کان نيشنل پارڪ ۾ قائم ريسٽورنٽس جا تفصيل طلب ڪيا ويا. جنهن تي ادارو تفصيل طلب ڪندي غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويو. ريسٽورنٽ پڻ پاڻ مرادو جڳهه خالي ڪرڻ جو يقين ڏياريو. مختصر فيصلي ۾ چيو ويو ته سي ڊي اي چيئرمين چيو ته هڪ آفيسر ريسٽورنٽ جي جڳهه جو معاملو ڏسندو، جيڪڏهن وائلڊ لائيف بورڊ ۾ سي ڊي اي جو نمائندو ناهي ته اهو مقرر ڪري سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پير سوهاوه ۾ مارگله هلز نيشنل پارڪ ۾ قائم سمورا هوٽل ۽ ريسٽورنٽ به خالي ڪرايا وڃن.سوهاوه روڊ تي لائسنس وارا اسٽال ۽ دڪان ڪم جاري رکي سگهن ٿا. اسٽال ۽ دڪان وائلڊ لائيف بورڊ جي هدايتن موجب هلايا وڃن، جيڪڏهن اسٽالن ۽ دڪانن تي اسٽوو آهن ته انهن وٽ باهه وسائڻ وارا اوزار به هئڻ گهرجن.