اسلام آباد(ڊي ڊبليو)پاڪستان جي ناليواري اقتصادي ماهر ڊاڪٽر اڪمل حسين چيو آهي ته هن سال جي اقتصادي سروي ۾ ٻه انگ اکر سامهون آيا آهن، جن تي يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سندس چوڻ هو ته ”حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي 11.8 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، پر هي انگ اکر ڪيئن آيا؟ ان بابت ڪجهه به نه ٻڌايو پيو وڃي.ڊاڪٽر اڪمل وڌيڪ چيو ته هڪ طرف حڪومت چوي ٿي ته زرعي شين جي پيداوار وڌي وئي آهي، مارڪيٽ ۾ انهن جي سپلاءِ بهتر ٿي آهي ۽ قيمتون گهٽجي ويون آهن، پر ٻئي طرف چوي ٿي ته چانور ايڪسپورٽ ٿي ويا آهن، هڪ طرف اها ڪڻڪ جي بمپر فصل جو ذڪر ڪري ٿي، پر ٻئي طرف وڏي مقدار ۾ مهانگي ۽ غير معياري ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ سان پوندڙ اثرن جي ڳالهه ڪير نه ٿو ڪري. مهانگي ڪڻڪ جو خريدار سستو ڪڻڪ ڪيئن وڪرو ڪري رهيو آهي؟ اسان کي ان جي ڪا به خبر ناهي.ڊاڪٽر اڪمل حسين موجب حڪومت جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ ان وٽ رڳو چند هفتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا هئا پر هاڻي ان جي خزاني ۾ 9 ارب ڊالر آهن پر حڪومت کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته ايندڙ سال اهي 29 ارب ڊالرن جو قرض ڪيئن ادا ڪندا؟حڪومت فخر ڪري رهي آهي ته هو ناڪاري ترقيءَ مان نڪري آيا آهن، پر حقيقت کي ڏسجي ته جيتري ترقي ٿي رهي آهي، آبادي به وڌي رهي آهي. هڪ ٻئي معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن صديقي ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته، ”جيڪڏهن اسان حڪومتي انگن اکرن کي درست سمجهون ٿا ته معاشي سروي اسان کي ٻڌائي ٿي ته حڪومت پنهنجا ڪيترائي هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جن ۾ مهانگائي، بجيٽ خسارو ۽ واڌ ويجهه شامل آهي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي به هڪ پريشان ڪندڙ مسئلو آهي،هن چيو ته پاڪستان ۾ بچت گهٽجي رهي آهي. فيڊرل بيورو آف روينيو (ايف بي آر) کي پندرهن هزار ارب رپيا گهٽ مليا آهن. جيڪڏهن اهي ملي وڃن ته بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جي ضرورت نه پوندي. اسان مسئلو حل ڪرڻ بدران ان کي ملتوي ڪري رهيا آهيون،پاڪستان ۾ عام تاثر آهي ته ملڪ جا معاشي فيصلا سويلين حڪومت نه ڪندي آهي.هن ڀيري بجيٽ جي معاملن تي ڪيترين ئي وڏين حڪمران جماعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.