جديد ٽيڪنالاجي ۽ موبائيل فون جو استعمال

تحرير: شھناز راھو

تقريبن 6 ڏھاڪا اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي نشريات شروع ٿيڻ کان اڳ ماڻھن وٽ خبرن ۽ ڄاڻ جو ذريعو ريڊيو ھو. ريڊيو گھڻو ڪري ھر گھر ۾ ھوندو ھو ان ۾  خبرن کان وٺي ڊراما ۽ اصلاحي معلوماتي پروگرام نشر ٿيندا ھئا جن مان ٻار ۽ وڏا گھڻو ڪجھه  پرائيندا هئا. ماڻھن وٽ ٽائيم وڌيڪ ھجڻ ڪري ڪچھرين جو گھڻو لاڙو ھو. اوطاقن کان علاوه گھرن ۾ به  مرد عورتون ڪچھريون ڪندا ھئا جنھن سان خاص ڪري نئين نسل جي ٻارن تي سٺو اثر ٿيندو ھو. نصيحت ڀرين ڳالهين سان گڏ سنڌي ٻولي جا لفظ جيڪي  استعمال  ٿيندا هئا انھن سان نوجوانن کي علم ادب لطيف جي شاعري ۽ ٻي وڌيڪ سمجھه ايندي ھئي.

اھو فطري آھي ته  جڏهن ھڪڙي شين جي جڳھه تي ٻيون نيون اچن ٿيون ته  اڳيون شيون ۽ روايتون سماج ۾ ساڳي طرح نٿيون رھن. اھي مثبت توڙي منفي طرح متاثر ڪن ٿيون. ھن وقت اسان جديد دورجي ڪمپيوٽر مشيني دنيا جي تيز ترين دور  مان گذري رھيا آھيون جنھن جا گھڻا ئي فائدا آھن. اڄ جي گلوبل وليج م ماڻھو سڄي دنيا سان ڳنڍيو پيو آھي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ھر خبر ڪٿي به  سيڪنڊن ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ دنيا ۾ جيڪو ڪجھه  ٿئي پيو لائيو ٽرانسميشن تي اکئين ويٺو ڏسجي. ڪنھن به  معلومات لاءِ  گوگل کول اھو آڱر جي ھڪ ڪلڪ سان مھيا ڪري ٿو. ماڻھو زمين جي اندرني تھن کان وٺي فلڪيات جي بلندين جو علم ڄاڻ حاصل ڪري چڪو آھي ان سفر ۾  انسان جي علم ڏاهپ جستجو ۽ جاکوڙ سان دنيا جا ڪيترائي پوشيده  راز اڃان  کوليا ويندا. انھيءَ سڄي ڊوڙ ۾  دنيا جا ڪيترائي ملڪ گھڻو اڳتي وڌي ويا آھن انھن اھا ترقي ڪئي آھي جيڪا ھن جديد دور جي ضرورت ۽ تقاضا آھي. ھنن ان ساري علم کي ايئن استعمال ڪيو آهي ته  جيئن اھو وڌ کان وڌ پنهنجي ملڪ قوم لاءِ  فائديمند ٿئي ۽ دنيا کي به  ان جو لاڀ ملي سگھي.

اچو ته  ڏسون ھن جديد دور جي وڏي ضرورت ۽ استعمال ٿيندڙ موبائل مان اسان ڇا حاصل ڪيو آهي. ھن وقت موبائل فون تمام گھڻي سھولت مھيا ڪئي آھي.اھو گھڻو ڪري گھر جي ھر فرد وٽ آھي جنھن سان اھو  رابطي، پنھجي ڌنڌي ڪم ڪار ۽ زندگيءَ جي عام واهپي جي معاملن ۾ ڪيترين ئي پريشانين کان بچيو پيو آھي. توھان کي ڪنھن به  وقت ضرورت جي معلومات ملي ٿي جنھن ڪم لاءِ  اوھان کي وقت ۽ پئسو زيان ڪرڻو پوندو ھو ھاڻ گھر ويٺي اھو ٿيو وڃي. دنيا جا ڪروڙن جا ڪاروبار آن لائين ٿيئن ٿا جو جڏهن به  دنيا ۾ نئين ٽيڪنالاجي آئي آھي ته  تعليم ۽ ڪاروبار  ۾ ان جو وڌ کان وڌ فائدو ورتو ويندو آھي. ائين ئي موبائل فون به  آھي جيڪو اڳ فقط ٽيليفون ڪال جي سھولت لاءِ  ايجاد ٿيو ھو ۽ لينڊ لائين فون جي برعڪس گھمندي ڦرندي رابطن جي دنيا ھڪ ھٿ تي کڻي ھلبي ھئي ھاڻي اھو صرف ھڪ فون نه  پر ھڪ ئي وقت ريڊيو ٽيليويزن وندر جي دنيا تعليم توڙي ڪاروبار ۽ زندگي جي ڪيترن ئي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو اھو سچ آھي ته  موبائيل فون استاد کان شاگرد تائين، بادشاھ کان فقير تائين ھر ماڻھوءَ جي ضرورت بنجي پيو آھي. ھر ايجاد د وانگر جنھن جا نفعا ۽ نقصان ٿين ٿا ۽ ان جو دارو مدار ان ايجاد کي استعمال ڪرڻ واري تي ھجي ٿو ائين  موبائيل فون جيڪو ھن وقت گھڻو ڪري ھر ماڻھوءَ، ننڍي کان وٺي وڏي جي ھٿ ۾ آھي سماجي ۽ خاص ڪري تعليمي ميدان ۾ اھو اڄ جي اھم ضرورت آھي.

پر بدقسمتيءَ سان ان فائديمند سائنسي ايجاد جو غلط استعمال به  ٿئي ٿو جيڪو اسان جي سماج ۽ معاشري کي نقصان رسڻ جو سبب به بڻيو آھي. اھا صورتحال عام آھي ته  نوجوان ۽ ٻار نيٽ چيٽ تي تمام گھڻو وقت وڃائين ٿا جيڪا رات جو دير تائين جاري رھي ٿي ان وچ ۾ گھر جا وڏا فرد سمھي پون ٿا جيڪو ٽائيم  نيٽ چيٽ تي پورنوگرافي لاءِ  به  استعمال ٿئي ٿو جنھن جا  ھڪ طرف ٻارن ۽ نوجوان نسل تي گھرا نفسياتي اثر پون ٿا ۽ ٻئي طرف انھن جي ننڊ صحت ۽ تعلم بري طرح متاثر ٿئي ٿي.

موبائيل فون جو بيجا استعمال اسان وٽ  ايترو ته  وڌي ويو آھي جو ھڪ  گھر جا گڏ ويٺل ڀاتي به  موبائيل ۾ گم رھندا آھن جو ھڪٻئي جي ڏک سک ۽ جذبات کي سمجھڻ جو نه  ڪنھن وٽ ٽائيم ھوندو آھي نه  وري ڪو سمجھڻ چاھيندو آھي. اھڙو ماحول ھڪٻئي کان لا تعلقي ۽ ڊپريشن جو سبب بنجي ٿو ان سڄي ماحول جو وڏو اثر ٻارن تي پيو آھي.  ٿئي ائين ٿو جو گھر ۾  يا ٻاھر مائرون پنھنجي ننڍن ٻارن کي ماٺ ڪرائڻ يا مصروف رکڻ لاءِ  موبائل ڏئي ڇڏينديون ان سان ھڪ ته  ٻارن جون اکيون ڪمزور ٿين ٿيون ۽ ٻيو ته   اھي ٻار راندين ۽  آس پاس جي ماحول م ٿيندڙ سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺن جيڪي سندن جسماني ۽ ذھني واڌ ويجهه لاءِ  ضروري آھن. ھڪ ڏکي صورتحال اھا به  پيدا ٿي آھي ته  اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جتي خوشحال طبقن جي ٻارن وٽ سٺا مھانگا موبائيل فون ھجن ٿا اتي مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس جي گھٽ مالي حيثيت وارن مائٽن جي ٻارن ۾ ھڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي ٿئي ٿي ته  سڀني کان وڌيڪ مهانگو موبائل مون وٽ ھجي. ان فرمائش تي مائٽن کي ايترو ته  تنگ ۽ پريشان ڪيو ٿو وڃي جو ھو پني قرض کڻي به  ٻارن کي اھڙا موبائل وٺي ڏيڻ تي مجبور ٿين ٿا جي نه  ته  ٻار خودڪشي جھڙا ٿيو وڃن.

ھاڻي وڏو سوال اھو آھي ته  ان صورتحال کي بھتر ڪيئن  ڪجي! ڇا ڪجي   جو جديد ٽيڪنالاجي جي ھي نعمت اسان ۽ ايندڙ نسلن لاءِ  نقصان بدران فائديمند ٿئي ۽ اسان جي تعليمي توڙي سماجي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ  لاڀائتي ٿئي.ان لاءِ  والدين ۽ استادن جو سڀ کان وڌيڪ اھم ڪردار آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.