رت عطيو ڪرڻ وارن جو عالمي ڏينهن

تحرير: ايئر وائيس مارشل (ر) آفتاب حسين

14 جون تي دنيا رت جو عطيو ڏيندڙن جو عالمي ڏينهن ملهائيندي آهي، اها صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي انتظام هڪ اهم تقريب آهي. ورلڊ بلڊ ڊونر ڊي 2024 جي ٿيم ”زندگي جي هيروز جو اعزاز: هڪ سادي عمل طاقت“ آهي. هي سالياني سرگرمي، حڪمت عملي موجب، شروعاتي گرمين جي موسم ۾ رکي ويندي آهي جڏهن رت جي سپلاءِ عام طور تي گهٽجي ويندي آهي. هي سرگرمي انهن ماڻهن جي نالي تي آهي جيڪي رت جو عطيو ڏيندا آهن ۽ محفوظ رت جي منتقلي جي اهميت کي اجاڳر ڪندا آهن. ڊبليو ايڇ او ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته سڀ کان محفوظ رت رضاڪاراڻي طور ۽ بنا معاوضي جي عطيو ڏيندڙن وٽان اچي ٿو. هن ڏينهن جو مقصد ماڻهن، ڪميونٽيز ۽ تنظيمن کي هڪ جٽادار رت جي فراهمي ۽ صحت جي عالمي سار سنڀال جي خدمتن کي هٿي ڏيڻ آهي.

ٿيليسيميا، هيموفيليا، ڪينسر ۽ ٻين دائمي بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ محفوظ رت جي منتقلي ضروري آهي. رت جي مناسب ڇنڊ ڇاڻ خطرناڪ بيمارين جيئن ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس بي ۽ سي، سيلفيلس ۽ مليريا جي منتقلي کي روڪيندي آهي.

رت جو عطيو سولو ۽ محفوظ هجڻ جي باوجود رڳو ڪجهه سيڪڙو ماڻهو باقاعدگي سان رت جو عطيو ڏيندا آهن. هن عمل ۾ 30 منٽن کان وڌيڪ وقت  ناهي لڳندو ۽ عطيو ڏيندڙن کي صحت جا ڪيترائي فائدا پهچن ٿا، جهڙوڪ رت ۾ فولاد جي سطح گهٽجڻ جي ڪري دل جي دوري ۽ ڪينسر جو خطرو گهٽجندو آهي ۽  عطيو ڏيندڙ کي مفت صحت جو تجربو به ملندو آهي ۽ صحتيابي به تيزي سان ٿيندي آهي، پلازما 24 ڪلاڪن ۾ رت جا ڳاڙها سيلز، 3-4 هفتن ۾ ۽ آئرن جي سطح 4-6 هفتن ۾ برابر ٿي ويندي آهي. مرد هر ٽن مهينن ۽ عورت هر چئن مهينن کانپوءِ رت عطيو ڪري سگهن ٿا.

پاڪستان هڪ گهٽ آمدني وارو ملڪ آهي ۽ رت عطيو ڪندڙن جي کوٽ جو شڪار آهي جتي 10 هزار مان رڳو 28 ماڻهو رت عطيو ڪن ٿا. ڪجهه عطيو ڏيندڙ رضاڪاراڻي طور تي ڏين ٿا ۽ ٿورڙا ماڻهو باقاعدگي سان ائين ڪن ٿا. رضاڪاراڻي طور عطيو ڪندڙ وڏن شهرن کان ٻاهر ناياب آهن، جنهن جي ڪري  ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رت جي فراهمي پوري ناهي هوندي. پاڪستان ۾ گهڻو ڪري رت ڪٽنب جي متبادل عطين ذريعي گڏ ڪيو ويندو آهي. کوڙ پيشيور عطيو ڏيندڙ، اڪثر منشيات جا عادي هوندا آهن ۽ پنهنجو رت وڪرو ڪندا آهن جيڪو غير صحت بخش آهي. ان کانسواءِ رت جي جزن بدران سڄي رت جي استعمال تي ڀاڙي ٿو. ٻين چئلينجز ۾ ڄاڻ جي کوٽ، بنا اسڪريننگ جي رت، اڻ تربيت يافتا طبي عملو ۽ غيرمعياري رت جي منتقلي جو سامان به شام لآهي. عورتون اسان جي آبادي جو وڏو حصو آهن پر گهٽ هيموگلوبن جي سطح يا اڻپوري وزن جي ڪري اهي رت جو عطيو ڏيڻ جون اهل نه آهن.

پاڪستان ۾ سيف بلڊ ٽرانسفيوزن پروگرام (ايس بي ٽي پي) جو مقصد هڪ محفوظ ۽ مضبوط رت جي منتقلي جو نظام ٺاهڻ آهي. هن جو مقصد سڀني مريضن لاءِ رت ۽ رت جي جزن جي محفوظ ۽ اثرائتي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ رضاڪاراڻي طور رت جي عطين کي سرگرم ڪرڻ آهي. ان لاءِ حڪومت کي علائقائي رت جي مرڪزن جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ اپاءَ وٺڻ گهرجن.

رت جو عطيو ڏيندڙن جو عالمي ڏنهن محفوظ رت جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ زندگيون بچائڻ ۾ رضاڪاراڻي طور رت جي عطيي جي اهم ڪردار کي اجاڳر ڪري ٿو. رت عطيو ڪرڻ جو ڏينهن سجاڳي وڌائڻ، شڪر گذاري کي هٿي ڏيڻ ۽ غلط ڄاڻ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جيئن قرآن ۾ چيو ويو آهي، ”جيڪڏهن ڪو هڪ حياتي بچائي ته ڄڻ هن سموري انسانيت کي بچايو“ (قرآن 5:32).

اسان جي معاشري ۾ معاوضو وٺڻ کانسواءِ رت عطيو ڪرڻ جو رواج ناقص آهي. مختلف سماجي ۽ آبادياتي عمل رضاڪاراڻي عطيي ڏانهن ماڻهن جي ريي تي اثرانداز ٿين ٿا. بلڊ بينڪن ۾ رت جي وڌندڙ گهرج جي ڪري انهن عملن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪنهن شخص کي رت عطيو ڪرڻ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ ڏانهن آڻين ٿا. رت عطيو نه ڪندڙن کي باقاعدگي سان رت عطيو ڏيڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ لاءِ پاليسيون تيار ڪيون وڃن.

پاڪستان کي ساليانو 2.5 کان 3 يونٽ رت جي ضرورت هوندي آهي. رت کي اڻپورن عطين جي ڪري ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿي وينديون آهن جن ۾ ٻار، عورتون ۽ مرد شامل آهن. جيڪڏهن رڳو هڪ کان 3 سيڪڙو آبادي باقاعده رت جو عطيو ڪري ٿي ته ان ضرورت کي پورو ڪري سگهجي ٿو. بلڊ ڊونر جي هن عالمي ڏينهن تي اچو ته اڳتي اچون، رت جو عطيو ڏيون ۽ هيرو بڻجون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.