آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 جو شيڊيول سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 جو امڪاني شيڊيول سامهون اچي ويو آهي.
هڪ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ايندڙ سال 4 آڪٽوبر کان 21 نومبر تائين کيڏيو ويندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ورلڊ ڪپ 2027 ۾ ڪُل 54 ميچون کيڏيون وينديون، جنهن مان ڏکڻ آفريڪا ۾ 41 ميچون 8 وينيوز تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب، زمبابوي ۾ 8 کان 10 ميچون ٿينديون، جڏهن ته نميبيا کي به ٽن ميچن جي ميزباني ملڻ جو امڪان آهي.
ميگا ايونٽ ۾ 14 ٽيمون شامل هونديون، جن کي 7-7 جي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو، جتان ٻنهي گروپن جون ٽاپ ٽي-ٽي ٽيمون سپر سڪس مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
رپورٽ موجب، ورلڊ ڪپ جي شيڊيول تي رضامندي مئي ۾ احمد آباد ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ۾ ڏني وئي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ بابت وڌيڪ معاملن جي جولاءِ ۾ رٿيل آءِ سي سي جي سالياني گڏجاڻي ۾ منظوري ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.