2025 پاڪستان جي تاريخ جو ٻيو گرم ترين سال قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اقتصادي سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2025 پاڪستان ۾ گذريل 65 سالن جو ٻيو گرم ترين سال رهيو، جنهن دوران ملڪ جو سراسري ساليانو گرمي پد 23.9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
سروي موجب، 2025 دوران ملڪ ۾ برساتون معمول کان 3 سيڪڙو گهٽ رهيون.
آءِ ايم ايف جي آر ايس ايف پروگرام تحت پاڪستان 4 سڌارن ۾ اڳڀرائي ڪئي، جن ۾ ڪاربن ليوي، اليڪٽرڪ وهِيڪل پاليسي فريم ورڪ ۽ گرين ٽيڪسونومي تي ڪم شامل آهي، جڏهن ته ماحولياتي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪلائيميٽ پراسپيرٽي پلان متعارف ڪرايو ويو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته چئلينجز جي باوجود ملڪي معيشت بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ گرين ٽيڪسونومي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.
هلندڙ مالي سال دوران چوماسي 2026 اسٽريٽجڪ پلان جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪو ٻوڏ جي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ اڳواٽ سازگار فريم ورڪ فراهم ڪندو.
اقتصادي سروي موجب، گرين ڪلائيميٽ فنڊ جي ”گليشيئرز ٽو فارمز“ پروگرام جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ 27.5 ملين ڊالر مختص ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سي ڊي آر اي پي 2 پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي فنڊنگ مختص ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.