” سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي؟“ وڏي وزير جو وزيراعظم کان پڇاڻو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ واري معاملي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ڏانهن لکيل خط ۾ وڏي وزير چيو آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.
وڏي وزير خط ۾ سوال اُٿاريو ته سنڌ ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ ڇو آهي؟
ان کانسواءِ وڏي وزير مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته رڳو سنڌ بدران سمورن صوبن مان برابر ڪٽوتي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.