خبرون گردش پيون ڪن ته جيئن وفاقي بجيٽ پاس ٿي ويندي ته پ پ پ عملي طور ن ليگ خلاف اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر هڪ ڀرپور محاذ کوليو ويندو جنهن لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ سميت مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ پڻ شامل آهي۔جهڙا پ پ پ جا رويا آهن ن ليگ کي وفاقي بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ به شايد ڏکايون پيش اچن. وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ وقت به پ پ پ جا هڪ اڌ کانسواءِ اڪثر ميمبر ۽ پارٽي چيئرمن بلاول ڀٽو اجلاس کان ٻاهر هئا جڏهن ته پي ٽي آء موقعو جو فائدو وٺي بجيٽ پيش ٿيڻ وقت گوڙ گهمسان ڪيو جنهن سان وفاقي وزير خزانه جهانگير جيڪو هڪ ٽيڪنوڪريٽ آهي کيس بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ڏکايون آيون ۽ سڪون سان بجيٽ پيش ڪري نه سگهيو هو۔پوري دنيا اهو تماشو ڏٺو.
پ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ اهي دوريون ۽ اختلافات تڏهن کان شروع ٿيا جڏهن پنجاب اسيمبلي مان صحافين ۽ ميڊيا ادارن خلاف هٿڪ عزت واروبل پاس ڪرايو ويو ۽ پ پ پ جي گورنر بدران پنهنجي اسپيڪر ۽ وقتي گورنر کان بل جي منظوري ورتي وئي ۽ تاثر پئدا ڪيو ويو ته پ پ پ پرده پويان ن ليگ سان هر محاذ تي گڏ آهي۔اهڙي طرح بجيٽ جي تياري وقت به پ پ پ کي مشورن کان پري رکيو ويو جو وزير خزانه جهانگير اورنگزيب پ پ پ کي مشورن ۾ پاسيرو رکيو۔ن ليگ وفاقي بجيٽ ۾ پ پ پ جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو هڪ وفد نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جي قيادت ۾ بلاول ڀٽو وٽ موڪليو تڏهن به معاملو نه ٺهيو اڌورو رهجي ويو بلاول ڀٽو اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ بدران گهر هليو ويو ۽ هن پنهنجي ميمبرن کي چيو ته جيڪڏهن اهي بجيٽ جي مخالفت ڪندا تڏهن به کين ڪجهه نه چيو ويندو اهي آزاد آهن. پ پ پ کي ن ليگ تي اڳ ۾ ئي ڪاوڙ رهي آهي ته اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم مقرر ڪرڻ تي به ساڻن مشوري ڪرڻ کان پري رکيو ويو۔پ پ پ کي اهو به اعتراض آهي ته سندن سربراهه بلاول ڀٽو سان وزيراعظم شهباز شريف خود اچي معاملا طئي ڪري ها جيڪو هن حساس موقعي تي پري رهيو۔هونئن به ن ليگ قائد ميان نواز شريف پس پرده پ پ پ کي گهٽ اهميت ڏئي ٿو نٿو چاهي ته هر معاملي تي پ پ پ ٽنگ اڙائي۔ن ليگ بجيٽ ۾ پ پ پ جي مطالبي ۽ مشورن تي اڌورو عمل ڪندي پگهارن ۽ پينشن ۾ ڪنهن حد تائين عمل ته ڪيو آهي پر ٽئڪسن جي ڀرمار ڪري عام ماڻهو کي ڪنهن به رليف ڏيڻ کان قاصر رهي آهي ۽ سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ پورو حصو ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي گهرن جي اڏاوت لاءِ رهيل رقم به مهيا ڪرڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي.
پ پ پ جو ن ليگ سان اتحاد ڪو نئون ناهي اهو 2022 کان تڏهن شروع ٿيو جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ايوان ۾ تبديلي وسيلي هٽائي وئي هئي ۽ پ پ پ حڪومت جو حصو به رهي مک وزارتون ماڻيون هيون هن وقت به صدر جو منصب پنجاب ۽ بلوچستان جي گورنري سينيٽ جي چيئرمني ماڻي آهي باقي وفاق ۾ حڪومت کان الڳ آهي۔بقول سياسي حلقن جي ته پ پ پ نائب وزير اعظم وارو عهدو ۽ پرڏيهي وزارت جي گهر ڪئي هئي جنهنڪري به پ پ پ جا ن ليگ سان اندروني اختلافات آهن باقي بجيث هڪ بهانو آهي. اهي به اطلاع آهن ته مقتدر ادارا پ پ پ کي وفاق ۾ ڪجهه وڌيڪ ڏيڻ جي موڊ ۾ في الحال ناهن ۽ وقت جي انتظار ڪرڻ جو پ پ پ کي مشورو ڏنل آهي. پنجاب ۾ پ پ پ ن ليگ حڪومت جي اتحادي آهي پر مريم نوازشريف اندروني طور پ پ پ سان مشورن کي پري رکڻ ۽ ضروري نٿي سمجهي جنهنڪري به پ پ پ سخت ڪاوڙيل آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ پئدا ٿيل وڇوٽين جو سڌو سنئون فائدو مخالف ڌر کي پئجي رهيو آهي۔مخالف ڌر هن ڀيري مفلوج نه پر مضبوط آهي جو مولانا فضل الرحمان محمود اچڪزئي اختر مينگل به پي ٽي آءِ سان گڏ آهن انهي جو ساٿ پيا ڏين جنهن کان به ن ليگ خوفزده آهي۔جيتوڻيڪ ميان محمد نواز شريف ن ليگ جي ٻيهر صدارت ماڻي آهي پر هو عوام سان رابطن ڪرڻ لاءِ ٻاهر ناهي نڪتو نه وري نڪرڻ جي موڊ ۾ آهي جو وٽس نئين بيانئي لاءِ مواد موجود ناهي جنهن جو هو انتظار پيو ڪري ۽ ٻيو ته هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي موڊ ۾ آهي پر ان لاءِ کيس وقت لڳندو جو پ پ پ قيادت ۽ مخالف ڌر نٿيون چاهين ته هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿئي۔عدالتن جو جهڙو موڊ ۽ رويا آهن لڳي ٿو ته وقت کان اڳ اسيمبليون ٽٽن ۽ نيون چونڊون ٿين جو فارم 45 ۽ فارم 47 وارو رينگٽ ڪر کڻي چڪو آهي ۽ ن ليگ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر ۽ مخالف صحافين کي چيڀاٽڻ واري منفي روين کي تيز ڪري ڇڏيو آهي۔ججن خلاف زهر افشاني به انهي روين جو حصو آهي جنهنڪري ججن ۾ به ڪاوڙ آهي.
پ پ پ ۽ مخالف ڌرين جو جيڪڏهن ايوان جي سطح تي جيڪڏهن بجيٽ مخالف ٺاهه ٿئي ٿو ته انسان ن ليگ وفاقي بجيٽ شايد ئي پاس ڪري سگهي ۽ بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ هو يا ته پ پ پ کي مڃرائي ۽ بجيٽ ۾ تبديليون آڻي عوام کي واقع قرار جوڳو رليف ڏي باقي معاملا ڳنڀير اٿس۔اهي به امڪان آهن ته مخالف ڌر ڪو ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏئي ن ليگ لاءِ مشڪلاتون پئدا ڪري۔عوام هونئن به هن وقت مهانگائي ۾ بري طرح پيسجي چڪو آهي جيڪو ڪاوڙ جو سخت اظهار ڪري سگهي ٿو۔پ پ پ ڪهڙي به طرح پنهنجي موقف تان نه هٽندي اها به احتجاج ۾ ڀرپور شريڪ ٿيندي۔جيتريقدر وفاقي بجيٽ جي تياري ۽ پيش ڪرڻ جو سوال آهي ته اها حڪومت جو گهٽ ۽ آءِ ايم جو ڏنل تحفو آهي جيڪو جهانگير اورنگزيب جو ڏنل آهي جنهن لاءِ ٿي سگهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ بجيٽ کي واپس نه وٺندو باقي ٿي سگهي ته پ پ پ ۽ مخالف ڌر جي سخت ردعمل بعد هو پنهنجو عهدو ڇڏي پر جن کيس آندو آهي اهي ئي سندس جو تحفظ ڪن۔هڪ طرف ملڪ ٻئي پاسي عوام ٽئين پاسي پ پ پ ۽ مخالف ڌر جو دٻاءُ ن ليگ کي ئي پنهنجي آئندي جو فڪر ۽ فيصلو ڪرڻو پوندس جنهن لاءِ هڪ ته انتقامي ڪارواين کي هڪ پاسي رکندي مخالف ڌر سميت پ پ پ ۽ ٻين اتحادين کي بجيٽ خدشن تي اعتماد ۾ وٺڻو پوندس۔عوامي ٽڪراءُ وارا ٽئڪس ختم ڪري مهانگائي کي فوري ختم ڪرڻ لاءِ اپاء وٺڻا پوندس۔برابري جي بنياد تي اتحادين کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻو پوندس باقي ڳالهه ڳري آهي۔رهيو سوال پ پ پ ن ليگ وڇوٽين جو ته اهي حقيقت آهن يا ڏيکاءُ انجي خبر به جلد سامهون اچي ويندي۔جيڪڏهن پ پ پ ن ليگ سان اتحاد ختم ڪرڻ جي نيت رکي ٿي ته ڇا پ پ پ کي ملڪي صدارت سميت سمورا عهدا وزارتون ڇڏيندي پر ايئن نٿو لڳي جو وقت پ پ پ به حڪومت ۾ رهڻ لاءِ مجبور آهي جنهن لاءِ آصف علي زرداري خود به ڪو ڪردار نڀائي سگهي ٿو ۽ بلاول کي ٿڌو ڪري ممڪن آهي.