کُليل گٽر مان مليل معصوم ٻار جو لاش

تحرير:مير ذوالفقار چانڊيو

گذريل 16 سالن کان سنڌ حڪومت ھڪ پارٽي جي ھجڻ ڪري ڪافي حد تائين بھتري ٿي آھي پر افسوس ته  ايتري وڏي عرصي کان ھلندڙ سنڌ حڪومت ۽ وڏي ڳالھه ته  اسيمبلي اندر ساڳيا چھرا ھجڻ يا وري نااھل سست انتظاميا باوجود غريب عوام بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھي سنڌ جي ننڍن شھرن توڙي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ گٽر لائين نيڪال سسٽم ناڪارا ھجڻ ڪري غريب مسڪين ماروئڙا سخت عذاب ۾ مبتلا ھوندا آھن .

نااھل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ٽائون ڪميٽي چيئرمين لاڳاپيل ڪائونسلر جي سُستي سبب ٽي ڏينھن اڳ سڪرنڊ شھر جي عظيم ڪالوني ۾ مائٽن وٽ گھمڻ آيل پنجن سالن جو گلن جھڙو معصوم سھڻو شھزادو سليمان راڄپر شيءِ وٺڻ بھاني ٻاھر نڪتو ته  ائين گم ٿي ويو جيئن ملڪ اندر غريبن مسڪينن جي لاءِ انصاف ۽ قانون گم لڳو پيو آهي ڪجهھ ڪلاڪن جي ڳولا، سوشل ميڊيا تي وٺ پڪڙ کان پوءِ آخر ڪار نااھل ٽائون انتظاميا عملي پاران سندس ڪالوني جي مين گِھٽي جتي ھر وقت رش نظر اچي ٿي اتي کليل گٽرن ۾ ڳولڻ جو رستو ڳوليو ته  معصوم گلن جھڙي ٻارڙي سليمان راڄپر جو کليل گٽر مان لاش هٿ آيو گھر پھچڻ تي ڪُھرام مچي ويو ماءُ جي ممتا پنھنجي معصوم ٻارڙي جي لاءِ ھڪ گھري صدمي ۾ ھلي وئي ته  ائين اوچتو سندس ٻارڙو جھولي خالي ڪري اھڙي پاسي ھليو ويندو جتان ڪير به  واپس وري ناھي سگھيو ننڍڙي سليمان جي پياري ٻاتڪي ٻولي پيارا ٻول ناز نخرا ٿوري عرصي جي زندگيءَ جا گذرندڙ ڏينھن تنھنجي ابي امڙ کي سالن ۾ نه پر ڏينھن ۾ ياد آھن جيڪي اُنھن کان زندگيءَ جي آخر وقت تائين ڪڏھن نه  وسرندا.

نااھل ٽائون انتظاميه جي لاپرواهي ۽ سندن غلطي سبب گلن جھڙي ھڪ گلاب جي گل کي موت جي ابدي ننڊ سمهاري مرجھائي ڇڏيو نواب شاھ کان تيار ٿي پنھنجي ڏاڏاڻي ڏيھه پھتل معصوم ٻارڙي کي ڪھڙي خبر ته  وڏي خوشي سان ايندو ۽ واپس سندس ننڍڙو لاش ويندو ان جيجل ماءُ پنھنجي معصوم ٻارڙي کي ڪيڏي نه  لاڏ ڪوڏ سان تيار ڪري پنھنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ آندو ھوندو ۽ واپس سندس لاش سان گڏ رواني ٿي ھوندي.

حقيقت آهي جتي باھ ٻري اھا جاءِ سڙي جيترو ڏک افسوس جيجل ماءُ پيءَ کي ھوندو شايد ٻئي ڪنھن کي ھجي ايڏي وڏي واقعي جي خوني منظر کان پوءِ ان جيجل امڙ جي دل تان ڇا گذريو ھوندو جنھن پنھنجي معصوم نينگر جي لاءِ عيد لاءِ ڪپڙا رانديڪا وٺي ڏيڻ جو سوچيو ھوندو ۽ کيس پيار محبت شفقت منجھان پڙھائي ڪري وڏو آفيسر ڊاڪٽر بڻائڻ جا خواب ڏٺا ھوندا جيڪي ھڪ نااھل ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي ڪري جيجل ماءُ جي جگر جي ٽڪري کي ماري جيجل ماءُ جا سڀ خواب خواهشون کسي ورتيون اي منھنجا معصوم ٻچڙا شھيد سليمان راڄپر تنھنجي اچانڪ شھادت تي اڄ سڪرنڊ جي فضا سوڳوار آھي ھڪ ننڍڙي گلن جھڙي معصوم ٻارڙي جي وڇوڙي جو سڪرنڊ جي نااهل انتظاميا مٿان ڪارو داغ بڻجي ويو آهي جنھن کي صاف ڪرڻ انتظاميه جي وس جي ڳالهھ ناھي.

حقيقت ۾ منھنجي سڪرنڊ اندر اھڙو المناڪ واقعو ٿيو آ جنھن ھڪ امڙ جي اميدن جو ڏيئو ھميشا لاء اجھامي ويو ھن معصوم ته چڱي طرح رانديڪن سان به نه کيڏيو ھوندو ھن ڳالھائڻ ئي مس سکيو ھوندو کيس ڪھڙي خبر ته  ڏاڏاڻي ڏيهھ وڃي گھر کان ٻاهر نڪري راند ڪرڻ ويندس ۽ موت جي مُنهن ۾ ھليو ويندس جنھن سان ھو ھميشھ ماءُ پيءُ جي جھولي خالي ڪري شھيد ٿي ويندو اھڙي ڏکاري واقعي تي سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ سوڳوار آھي سڄي سنڌ واسين جون سڀ ھمدرديون ھن معصوم گلن جھڙي معصوم ٻارڙي جي ماءُ پيءَ سان گڏ آھن. سنڌ اندر روزاني جي بنياد تي ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن کي گٽرن جي منھن ۾ ڪيرايو ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي امڙين جون جهوليون خالي ڪري کين زنده ئي ماريو ويندو آهي حقيقت آهي ته  نااھل اسان جو مالھي آ گلڙن جو ڇا ٿيندو ؟ حقيقت آهي ته  اسان جي معاشري جو مالھي ٽائون انتظاميه نااھل آ جيڪو صحيح طريقي سان شھر جي رکوالي نه  ڪرڻ سبب ٻارڙا فوت ٿي رھيا آھن اھڙي واقعي جو ٽائون ڪميٽي چيئرمين سميت لاڳاپيل ڪالوني جي ڪائونسلر مٿان ڪيس داخل ڪري کين قانوني ڪٽھڙي ۾ آڻجي ته  ڪو معاشرو بھتري طرف اچي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.