تعليم جي بھتري جي نالي ۾ ٿيندڙ غلط تجربا

تحرير: اشتياق احمد پنھيار

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پرائمري ،جي۔اي۔ايس۔ٽي کان ايڇ۔ايسٽي ۽ ايڇ ايس۔ٽي کان ھيڊ ماستر طور ٿيندڙ پروموشن جي پاليسي تمام بھتر ۽ شفاف طريقي سان ھلي رھي ھئي، جنھن ۾ پرائمري،جي اي۔ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ڏيڻ لاءِ نوڪري ۾ مقرري واري تاريخ جي سينيارٽي تحت نه پر ان لاءِ ڄاڻايل پروفيشنل ڊگري بي۔ايڊ جي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي رزلٽ جي ظاھر ٿيڻ جي تاريخ آڌار سينيارٽي ٺاھي پروموشن ڪيا ويندا رھيا آھن ،اھڙي طرح ايڇايس۔ٽي کان ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر طور پروموشن لاءِ بي۔ايڊ جي سينيارٽي تحت ڪيا ويندا رھيا آھن.

ضلعي خيرپور اندر سال 2022 ۾ 65 پرائمري استادن کي  بي۔ايڊ جي سينيارٽي تحت پروموشن ڏناويا، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ايليمينٽري ۽ ھائير سيڪنڊري سکر ضلعو خيرپور جي 47 مرد ۽ 30 عورت استادياڻين کي تعليم کاتي ۾ شروع کان رائج بي۔ايڊ جي سينيارٽي بدران نوڪري ۾ مقرري واري تاريخ جي سينيارٽي تحت  پرائمري مان ايڇ ايس طور پروموشن ڏيندي آرڊر نمبر 751/17.5.2024 نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، پروموشن ماڻيندڙن مان 8 مرد استاد اشرف حسي، ۔عاشق حسين، غلام شبير، علم الدين، فقيرمحمد، محمد يوسف، الھرکيو ۽ شير محمد سميت 5 عورت استادياڻيون پڻ ڪجهه مھينا اڳ رٽائرڊ ٿي ويون آھن۔جڏھن ته 11مرد ۽ 7 عورت استادياڻيون جن جا ڪاغذ به اڻ پورا جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايا ويا آھن انھن کي به ايڇ۔ايس۔ٽي طور پروموشن ڏنو ويو آھي، سال 2022 ۾ 139پرائمري استادن جا پروموشن ٿيڻا ھئا ان وقت صرف 65 مرد استادن جا پروموشن بي۔ايڊ جي سينيارٽي تحت ڪيا ويا ھئا،باقي ڇڏيل سيٽن تي به جلد پروموشن ڪرڻ جو چيوويو،جنھن بعد ضلعي خيرپور جي مختلف تعلقن جا 9 استاد غلام نبي ٻرڙو،غلام علي عامر ۽ ٻيا استاد پروموشن نه ملڻ خلاف اپيل ۾ ويا،جن سيڪريٽري تعليم وٽ به اپيل داخل ڪئي، ٻن سالن کان استاد سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر،ڊي اي او آفيس جا چڪر ڪاٽي رھيا آھن مگر کين حق نه ملي سگھيو آھي، تازو جاري ڪيل لسٽ ۾ به کين شامل نه ڪيو ويو آھي.

تعليم کاتي جي موجوده پاليسي ڪري 25کان27 سال اڳ ايڇ ايسٽي ٿيڻ جي اميد تي اڌ پگھار تي بي ا يڊ ڪندڙ استادن جا خواب چڪنا چور ٿي ويا آھن۔جن ٽي کان پنج سال اڳ بي ايڊ ڪئي آھي ايڇ ايس ٽي ٿي ويا۔تعليم کاتي ۾ پرائمري،جياي۔ايس۔ٽي کان ايڇ۔ايس۔ٽي ۽ ايڇ۔ايس۔ٽي کان ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر جا  پروموشن بي ايڊ جي سينيارٽي تحت ڪيا ويندا ر ھيا آھن پر ھي پھريون ڀيرو مقرري واري تاريخ کي بنياد ڄاڻائي پروموشن ڪيا ويا،رٽائرڊ استادن کي ايڇ۔ايس۔ٽي طور پروموشن ڏيڻ ڪري پرائمري استادن جون تيرھن سيٽون خالي ٿي ويون۔جن تي ٻيھر جڏھن به پروموشن ٿيا ته ان مان اڌ سيٽون جياي۔ايس ٽي کي ملنديون باقي اڌ سيٽن مان به اڌ يعني ٽي سيٽن تي پرائمري استاد پروموٽ ٿيندا،مقرري واري تاريخ تي سينيارٽي ڏيئي پروموشن ڪرڻ سب جن به استادن جي سال کان ڇهه مھينا سروس بچيل ھوندي اھي ھڪ انڪريمينٽ کڻڻ جي لالچ ۾ جعلي بي ايڊ جا سرٽيفڪيٽ وٺي به پروموشن وٺندا.

اھڙي عمل ڪري اھڙا استاد جن جي ست کان ڏھ سال سروس بچيل آھي اھي ايڇ ايس ٽي نه ٿي سگھندا۔تعليم کاتي جي اھڙي پاليسي سبب تعليم جي بھتري نه پر تباھي ٿيندي، پروموشن کان محروم ڪيل استادن وزيراعليٰ سنڌ،۔چيف سيڪريٽري سنڌ، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان فوري طور نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر سکر پاران ڪيل پروموشن ڪينسل ڪرڻ ۽ تعليم کاتي ۾ شروع کان رائج بيايڊ انائونسمينٽ تاريخ تحت سينيارٽي تسليم ڪري کين جائز حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيوآهي  ٻي صورت ۾ ھنن ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو چتاءُ پڻ  ڏنو آھي

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.