آءِ ايم ايف جي غلامي کان بھتر ٿيندو سي پيڪ  ۾ سڌارا آڻيون

تحرير: خدا بخش بروھي

اسان جي معيشت ھن وقت ھڪ وڏي سازشي قوتن جي سٽل چالن سبب ھڪ وڏي عالمي ڪاروباري نظام جي وياج جي گرفت  ۾ آهي جنھن ڪري وطن عزيز جي موجوده معاشي صورتحال تي جيترو به روئجي واويلا  ڪجي اھو ٿورو آھي ڇاڪاڻ ته اھو ھميشه بجاءِ گھٽجڻ جي  ڏينھون ڏينھن  وڌيڪ کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو رھيو آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 5 هزار 243 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي جنھن جي اثر تحت ماڻهو بنيادي ضرورتن کان محروم ٿي ويا آهن.اليڪش جي وقت اسان جا شعلا بيان سياستدان ھر وقت آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺڻ جا جوشيلا ۽ جذ باتي واعدا ڪري عوام کي بيوقوف بنائيندا رھندا آھن پر حڪومت ۾ ايندي ئي اھو ساڳيو ڪستو کڻي ڪشڪول لاءِ  آءِ ايم ايف جي انتظاميه اڳيان گوڏا کوڙي ھر اھو غريب دشمن ملڪ دشمن عوام دشمن شرط مڃڻ لاءِ  راضي ٿي ويندا آھن ان تي ماڻھو ڪيڏي به واويلا ڇونه ڪن پر اھي چالاڪ چرپ زبان شاطرسياستدان جھٽ پٽ يوٽرن وٺي اھو بھانو ڪندا آھن  ته ملڪ خطري ۾ آھي ان ڪري قرض وٺڻ کي مجبوري ۽ فرض سمجھي وٺون ٿا اھڙا ڪيرائي بھانا ھردور ۾  ٿيندا رھيا آھن پر ھن  حڪومت ٿوري عرصي ۾ ماضي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي.

ان ڪري  اسانجو  ھي 24 ھون دفعو ھوندو  جيڪو آءِ ايم ايف پروگرام ڏانهن وڃي رهيا آهيون پر يقين ناھي قرض وٺي اسان ڪا فيڪٽري لڳائي ڪا صنعتي ترقي ڪنداسين، يا ايئن سمجھجي ھن کان پوءِ  اسان قرض ڪڏھن ڪونه وٺنداسين ھو اسان جو آخري قرض ھوندو ڇوته موجوده حڪومت ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ  آئي آھي ڪفايتشار وزير اعظم فضول خرچ ي ته بلڪل خلاف آھي وزيرن مشيرن ڪچن جا خرچ گھٽائي ڇڏيا آھن وزير اعظم پراڻي سنگت سعودي سميت عرب عمارات جي شھزادن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جون دعوتون ڏنيون آھن ڪافي پئسو مليو آھي وڏا آسرا مليا آھن چائنا سان سنگت پراڻي آھي اتي وڃي نڪتو آھي ھاڻ يقين سان چئجي ٿو سندس فيڪٽرين سميت پوري ملڪ جي فيڪٽري مالڪن واپارين کان سٺي ٽيڪس اڳاڙي ٿيندي، ذخيرا اندوزن جيڪا سستي ڪڻڪ خريد ڪري لڪائي آھي انھن تي ايڪشن ٿيندو وياج خورن ماڻھن جو رت پي ڇڏيو آھي اھي به قانون جي ڪٽھڙي ۾ ايندا،

بھرحال ھن سال آءِ ايم ايف کان نئين قرض لاءِ  8 ارب ڊالر جي درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سموريون شرطون پوريون ٿيڻ کانپوءِ  6 ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ  راضي آهي جيڪو اسان جي اميدن ۽ ارمانن جي منافي آھي ٻئي طرف نتيجو اهو آهي ته گئس، بجلي ۽ بنيادي ضرورتن جي قيمتن کي آءِ ايم ايف جي حڪم تي مقرر ڪيو پيو وڃي. سندس درخواست تي مختلف دورن ۾ عوام کي ڏنل رعايتون ختم ڪيون پيون وڃن. آءِ ايم ايف پاڪستان کي ايندڙ مالي سال لاءِ  12 هزار 900 ارب رپين جو ٽيڪس هدف مقرر ڪرڻ جو چيو آهي، جيڪو موجوده ٽيڪس وصولي کان 3 هزار 490 ارب رپيا وڌيڪ آهي. آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ انڪم ٽيڪس فائلرز جو انگ 3 ڪروڙ مان وڌائي 6 لک ڪرڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن کي انڪم ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ شامل آهي پر ھتي الميو اھو آھي ٽيڪس چور يا ته ٽيڪس نٿا ڏين يا آفيسرن سان ملي ڪري مڙيئي  ڪجھه  پئسا ڏيئي چيچ کي چھڪ ڏيئي شھيدن ۾ شامل ٿين ٿا جيڪو ھن ملڪ جي معيشت تي وڏو اثر ڇڏي ٿو ان کان علاوه زرعي شين جهڙوڪ ٻج، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ٻين اوزارن تي مڪمل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي کاڌي پيتي، دوائن ۽ اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به  تجويز ڏني وئي آهي، جنھن سان عوامي پريشاني وڌڻ کي رد نٿو ڪري سگھجي جڏهن ته  ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ هڪ کان 2 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي به ڳالھ ڪئي وئي آهي. اهي قدم بلاشڪ عوام تي وڌيڪ بار وجھندا، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهو اڳي ئي ڏينهن ۾ ٻه ويلا ماني لاءِ  پريشان ھجن اتي حڪومت کي متبادل رستو ڪڏھڻ کپي.

سٺي ڳالهھ اھا ٿيندي سياسي ھيوي ويٽ چمپئين پنھنجي پئسن کي ملڪ ۾ آڻين ملڪ جي شھر شھر ڳوٺن ۾ ڪارخانا لڳائين ايريا جي غريب ماڻھن کي ان پرائيويت فيڪٽرين ۾ نوڪريون ڏين ان ڪري غريب مٿان مھانگائي جو اثر گھٽ ٿيندو ساڳي وقت چائنا طرز تي ملڪي معيشت تي ڌيان ڌرين ته بھتر ٿيندو بھرحال اھي سڀ مسئلا کڻي اسان وارو ڪفايتشار وزيراعظم شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي آھي جيڪو هڪ خوش آئند قدم آهي، جنهن سان نه رڳو پاڪ چين لاڳاپا مضبوط ٿيندا پر سي پيڪ ذريعي معاشي ترقي جي رڪيل  راه هموار ڪرڻ جي اميد پيدا ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده پائيدار پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان جي موجوده معاشي بحران ۾ سي پيڪ جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

پر گذريل وقت ھي پروگرام ذري گھٽ ڊيريل ٿيو پئي  سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ تحت اهم منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي منصوبن تي زور ڏنو آھي اهي قدم نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي ڪنهن حد تائين مستحڪم ڪندا پر ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ پڻ مدد ڪندا. پاڪستان جي موجوده معاشي خرابين جي تناظر ۾ چين سان مضبوط پارٽنرشپ ۽ سي پيڪ منصوبا پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ضرور ٿيڻ گهرجي ٻي صورت،آءِ ايم ايف جي آسري ۽ سخت پاليسين ڪري   اسان تباه ٿي وينداسين.  حڪومت کي گهرجي ته آءِ ايم ايف جي غير ضروري ۽ پس منظر واري مطالبن کي تسليم نه ڪري ۽ مستقبل ۾ آءِ ايم ايف کان نجات حاصل ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جي پروگرامن تحت قومي خودمختياري خطري ۾ آهي. پاڪستان کي پنهنجي معاشي پاليسين ۾ آزاد فيصلا ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، جن جا اثر قومي سلامتي تي به پئجي سگهن ٿا. آءِ ايم ايف جي شرطن تحت معاشي استحڪام هڪ ترجيح آهي، پر اهو استحڪام ڪڏهن ڪڏهن اهم قومي سلامتي منصوبن جي خرچ تي اچي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته چين سان گڏجي انهن منصوبن کي عمل ۾ آڻي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهي منصوبا وقت تي مڪمل ٿي وڃن ته  پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ عوام کي رليف ملي سگهي ٿو.

هن وقت ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي جيئن  معاشي استحڪام سان گڏوگڏ قومي سلامتي ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائي سگھجي ۽ ساڳي وقت وطن عزيز کي معاشي طور دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف اول ۾ بيھاري سگھجي.

 

پاڪستان جي موجوده معاشي خرابين جي تناظر ۾ چين سان مضبوط پارٽنرشپ ۽ سي پيڪ منصوبا پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ضرور ٿيڻ گهرجي ٻي صورت،آءِ ايم ايف جي آسري ۽ سخت پاليسين ڪري   اسان تباه ٿي وينداسين.  حڪومت کي گهرجي ته آءِ ايم ايف جي غير ضروري ۽ پس منظر واري مطالبن کي تسليم نه ڪري ۽ مستقبل ۾ آءِ ايم ايف کان نجات حاصل ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جي پروگرامن تحت قومي خودمختياري خطري ۾ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.