وفاقي حڪومت کي سنڌ سرڪار جون شڪايتون ختم ڪرڻ گهرجن

رپورٽون آهن ته قومي اقتصادي ڪائونسل واري اجلاس ۾ جنهن ۾ چئن ئي صوبن جا وڏا وزير شريڪ ٿيا ها تنهن ۾ سنڌ لاءِ اعلانيل 53 ارب روپيا جاري نه ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه احتجاج ريڪارڊ ڪيو. هن پنجن سان کان سنڌ جا ترقياتي منصوبا نظر انداز ڪرڻ ۽ فنڊ نه ڏيڻ تي احتجاج ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير  مراد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته ٻوڏ ۾ سنڌ کي وڏو نقصان ٿيو آهي. 21 لک گهر ۽ اسڪول متاثر ٿيا آهن اهو به ڄاڻايو ويو ته گذريل مالي سال ۾ به سنڌ لاءِ 53 ارب روپيا رکيا ويا هئا پر ان مان هڪ روپيو به جاري نه ٿيو آهي. تنهن ڪري گذريل مالي سال واري بجيٽ  به هن مالي سال سان گڏائي سنڌ جي منصوبن کي اهميت ڏني وڃي هن اهو به چيو ته پنجن سالن کان سنڌ جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو ويو آهي. ٻوڏ ۾ سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو. آبپاشي نظام کي نقصان رسيو جنهن ڪري خصوصي فنڊ رکيا وڃن.

تاريخي طور تي ڏسجي ته هر دور ۾ وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ مالي مسئلن تي وڏو تڪرار رهيو آهي. سنڌ کي جائز مالياتي حصو تڏهن ئي مليو آهي جڏهن سنڌ ۽ وفاق ۾ هڪ ئي وقت پ پ جي حڪومت هوندي آهي تڏهن اهڙي شڪايت ناهي ٿيندي پر جڏهن به وفاق ۾ پ پ کانسواءِ ڪنهن جماعت جي حڪومت هوندي آهي ته اها سنڌ کي جائز مالياتي حصو ناهي ڏيندي.

هاڻي جڏهن پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جي اتحادي حڪومت وفاق ۾ آهي ته حيرت آهي ته تڏهن به سنڌ کي ناجائزي جون شڪايتون آهن ۽ اهي شڪايتون پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف ڪامياب بي اعتمادي جي تحريڪ کان پوءِ مسلم ليگ(ن) پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ڏيڍ سال لاءِ حڪومت جڙي هئي ته تڏهن کان سنڌ حڪومت کي رهيون آهن. ڪجهه وقت اڳ جڏهن وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي دوري تي آيل هو ته تڏهن به رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سندس آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا هيا. پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري به پنهنجين تقريرن ۾ اهڙيون شڪايتون ڪندو رهيو آهي ته وفاق سنڌ لاءِ جيڪي فنڊ مختص ڪندو آهي يا جيڪي وفاقي منصوبا سنڌ لاءِ هوندا آهن تن لاءِ وفاقي حڪومت عملي طور پيسا ڏيڻ ۾ اڳڀرائي ناهي ڪندي جنهن ڪري سنڏ حڪومت جي ڪارڪردگي فنڊ نه ملڻ ڪري متاثر ٿي رهي آهي. ۽ هاڻي تازين رپورٽن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل واري وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پڻ سنڌ جي وڏي وزير ساڳيون ورجايل شڪايتون ڪيون آهن پر وفاقي حڪومت جو رپورٽن موجب ڪو مثبت ردعمل ظاهر ناهي ٿيو.

اسان جو خيال آهي ته اتحادي حڪومت هئڻ ناتي وفاقي حڪومت کي پنجاب جي صوبائي  حڪومت جيان ٻين صوبائي حڪومتن سان به سهڪار ڪرڻ گهرجي جيئن مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صوبائي حڪومت کي پنهنجو ٿي سمجهي تيئن ان کي ٻين ننڍن صوبن کي به پنهنجو سمجهڻ گهرجي ۽ اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته اتان جون حڪومتون به عوام ڏانهن جوادبارن آهن، انهن کي به عوام ئي ووٽ ڏنو آهي ۽ اهو عوام به انهن حڪومتن مان اميدون رکيون ويٺو آهي. سو وفاقي حڪومت کي سنڌ جون شڪايتون هر قيمت تي ختم ڪرڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت به عوام جي آڏو سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لازمي طور خواهش مند آهي.

جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جون ڄاڻايل ۽ ٻڌايل شڪايتون ختم نه ڪندي ته پوءِ هي حڪومتي سلسلو به لڳي ٿو ته هلي نه سگهندو، اڳتي هلي جيڪڏهن پ پ وفاقي حڪومت مان پنهنجو حصو ڪڍي ڇڏيندي ته پوءِ وفاقي حڪومت به جٽاءُ نه ڪري سگهندي ۽ ٽٽي پوندي تنهن ڪري اهو وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف جو فرض آهي ته اهو اتحادي جماعتن سان سندس صوبائي حڪومتن ۾ سهڪار ڪري ۽ شڪايتن جو موقعو نه ڏئي خاص ڪري سنڌ حڪومت جو ته ان کي وڌيڪ خيال ڪرڻ گهرجي جو سندس وفقي حڪومت پ پ جي سهڪار سان ئي قائم ۽ دائم آهي.

 

عوام سٺي بجيٽ جي اميد نه رکي ؟!

رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته اڄ پيش ٿيندڙ وفاقي بجيٽ مان عام ماڻهو سٺائي جي اميد نه رکي. اڄ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سيلز ٽئڪس ۾ واڌ سبب کنڊ، گيهه، مصالحن، صابڻ ۽ شيمپو سميت مختلف روز جي واهپي وارين شين ۾ واڌجو امڪان آهي. ايئن سيلز ٽيڪس ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان مهانگائي جو طوفان برپا ٿيندو. خدشو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽائي جو رليف عوام کي منتقل نه ڪيو ويندو. رپورٽون آهن ته کنڊ جي في ڪلو قيمت تي سيلز ٽيڪس 18 کان 19 سيڪڙو في ڪلو اگهه ۾ 5 روپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي صابڻ جي قيمت ۾ 2 کان 5 روپيا، شيمپو جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا ۽ اليڪٽرانڪس جي شين ۾ پڻ 15 کان 20 روپيا  واڌ جو امڪان آهي. سيلز ٽيڪس ۾ واڌ سان سوين ميڪ اپ جو شيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي. جڏهن ته هڪ سيڪڙو سيلز تيڪس ۾ واڌ سبب ڪپڙن جون درجن شيون مهانگيون ٿينديون.

انهيءَ الميي تي افسوسو ۽ مذمت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو حڪومتون ”عوامي“ سڏائڻ باوجود عوام کي رليف ناهن ڏئي سگهنديون. جڏهن ته اسان جا حڪمران پنهنجون عياشيون ۽ مراعتون گهٽائڻ يا سادگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته حڪمران پاڻ کي سڀ کان اڳ ۾ ڏکين حالتن ۾ قربانين لاءِ پيش ڪن پر هتي هميشه غريب عوام کان قربانيون ورتيون وينديون آهن. جڏهن ته حڪومت چاهي ته امير طبقي تي ان جي شين تي وڌ کان وڌ ٽيڪس لڳائي انهن کان قرباني وٺي سگهي ٿي پر هتي هميشه هيٺين ۽ وچئين طبقي کي  ئي نشانو بڻايو ويندو آهي. هاڻي به ڏسڻو اهو آهي ته ٽيڪس ماڻڻ لاءِ ڪهڙي طبقي کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. رپورٽون ته ٻڌائين ٿيون ته هاڻي به هيٺين ۽ وچين طبقي کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

جڏهن ته اسان جو خيال آهي ته هيل امير سرمائيدار ۽ حڪمران طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيا وڃن ۽ انهن کان هر قيمت تي ٽيڪس وصول ڪري ٽيڪس جو هدف ماڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي جيڪو ممڪن به آهي. باقي هيٺين ۽ وچين طبقي وٽ حقيقت ۾ ڏسجي ته ڪجهه ڏيڻ لاءِ بچيو ئي ناهي. مهانگائي هونئن ئي اوج تي آهي خاص ڪري جڏهن کان هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ۽ لاٿ جي پاليسي آندي وئي آهي ته هر پندرهين ڏينهن مهانگائي جو طوفان برپا ٿئي ٿو جيڪو ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي ۽ حقيقت ۾ ڏسجي ته ان پاليسي سبب ئي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي  آهي جيڪڏهن ماضي وانگر ماهوار پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ ٿيندي ته ماهوار ئي مهانگائي وڌندي. ان کان اڳ ساليانو بجيٽ ۾ هڪ ڀيرو ئي شين تي اگهن مقرر ٿيندا هيا پوءِ ساليانو اهي اگهه ئي برقرار رهندا هيا پر هاڻوڪي پاليسي ۾ مهانگائي کي گهٽائڻ جو ڪو امڪان ناهي. هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ۽ لاٿ ۽ ٽيڪسن جا هدف ماڻڻ ۾ ناڪامي سبب ماهنگائي عوام جو مقدر بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ لاٿ جو موجوده صورتحال ۾ ڪو امڪان نظر نٿو اچي جنهن تي نه رڳو افسوس ڪجي ٿو پر شديد مذمت به ڪجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.