گهوٽڪي(ڊ ر)رونتي ڪچي ۾ چاچي پنهنجي ڀائٽي کي مبينا ڪارانهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو,خبر موجب گهوٽڪي لڳ راونتي ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي جي ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ جوابدار خادم حسين سيلرو پنهنجي ڀائٽي مسمات خالده سيلرو کي پنهنجي برادري جي نوجوان سان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي رونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪري ڇڏيو جتي ضروري قانوني ڪاروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو لاش جي گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام متل آھي هوڏانهن رونتي پوليس موجب ته شروعاتي معلومات ۾ معلوم ٿيو آھي ته جوابدار پنهنجي ڀائٽي کي ڪارانهن جي الزام ۾ قتل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.